ڪنهن جي پيءُ ۾ به طاقت ناهي جو ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري\راشد محمود

سکر(رپورٽ سيد نعيم شاھ) جمعيت علماءِ اسلام ف سنڌ جي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ سيڪريٽري جنرل  علامه راشد محمود سومرو پني عاقل ۾ تعليمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده تعليمي نظام قوم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي اڄ اقتدار ۾ ويٺل ماڻهو رڳو پئسن جي پويان آهن نه کين ايمان جي پرواهه آهي ۽ نه ئي قوم جي مستقبل جي معمارن جي، راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ کي تباهه ڪندڙ عوام جا حق کائيندڙنوڪريون پئسن عيوض وڪرو ڪندڙ ڪارونجھر ۽ دريائن جو سودو ڪندڙ سڀ وڏن وڏن ادارن مان پڙهيل اعليٰ ڊگريون رکندڙ حڪمران آهن جن ملڪ ۽ صوبي کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ ڪرپشن کي هاڻي ڏوهه ئي نٿو سمجهيو وڃي، هن سنڌ جي ورهاست واري ڳالهين کي رد ڪندي چيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ سنڌ ئي رهندو ڪنهن جي پيءُ ۾ به طاقت ناهي جو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري اسان جيئرا آهيون ته سنڌ جي حفاظت ڪنداسين ، سنڌ ۾ بدامني گهٽجڻ بدران وڌندي پئي وڃي روزانو قبائلي جهيڙن ۾ معصوم جانيون ضايع ٿي رهيون آهن هن عوام کي اپيل ڪئي ته صلح ڪريو قبائلي جهيڙا ختم ڪريو ۽ امن لاءِ اڳتي وڌو انهن جهيڙن جا اصل ذميوار حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو آهن هن ڌاڙيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته الله کان ڊڄو هٿيار ڇڏي ڏيو ۽ عوام تي رحم ڪريو هن چيو ته جي يو آءِ پاران ڪيل امن مارچن ۽ امن جرڳن جي نتيجي ۾ حڪومت ڌاڙيلن سان ڳالهين تي مجبور ٿي، هاڻي اسيمبلين مان غير شرعي ۽ غير اسلامي قانون پاس ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن آئين قانون ووٽ ۽ جمهوريت ذريعي عوام کي سندن حق نه  ڏنا ويا ۽ عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي پوئين دروازي مان ماڻهن کي اسيمبلين ۾ آندو ويو ته جمعيت علماء اسلام عوامي انقلاب جي تياري تي مجبور ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.