شوڪت عزيز صديقي اين آءِ سي آر چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نيشنل انڊسٽريل رليشنز ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي چيئرمين ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي ذاتي سببن جي بنياد تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي چيئرمين اين آءِ آر سي جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون ختم ڪرڻ جو فيصلو ذاتي سببن جي ڪري ڪيو، هن پنهنجي استعيفيٰ بابت صدر آصف زرداري  کي باضابطه طور اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي، خبرن موجب جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي صدر مملڪت ڏانهن وزارت اوورسيز پاڪستانيز جي سيڪريٽري وسيلي معاهدو ختم ڪرڻ جو نوٽيس پڻ موڪليو آهي، جنهن ۾ هن اين آءِ آر سي جي چيئرمين جي عهدي تان الڳ ٿيڻ جو اظهار ڪيو آهي، واضح رهي ته جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته اين آءِ آر سي جهڙي اهم اداري جي سربراهي سندس ذميوارين ۾ شامل رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.