ڪي اين شاهه ۾ جڙيل شاهه جي ميلي ۾ جهيڙو، نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي

خيرپورناٿن شاهه/دادو (رپورٽ: ارشد ٻگهيو/ غوث جهتيال ) ڪي اين شاھ ۾ سيد جڙيل شاهه جي ميلي ۾ جھيڙو، ھڪ ڄڻو قتل، 2 ڄڻا زخمي، ڊي سي دادو ميلي جي پرميشن رد ڪري ڇڏي، سيد جڙيل شاھ جيلاني جي ھلندڙ ميلي ۾ ميجڪ شو دوران ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو 40 سالا منٺار مھر ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏھن ته ڪي ڪي بروهي ۽ اسلام مھيسر سخت زخمي ٿي پيا، پوليس پاران مقتول ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال خيرپورناٿن شاهه پهچايو ويو، جڏھن ته ھٿياربند جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، ھوڏانھن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين لاڙڪاڻي اسپتال ريفر ڪيو ويو، پوليس پاران ڇاپا هڻي شڪ جي بنياد تي 2 ڄڻن گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، ٻئي طرف ڊي سي دادو خونريزي جو سخت نوٽيس وٺندي سيد جڙيل شاهه جيلاني جي ميلي جي پرميشن ڪينسل ڪري ميلو ختم ڪرائڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جڏنھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.