شڪارپور/ ڳڙهي ياسين (رپورٽ زاھد سنجراڻي/ حبيب الله ڪمبوهه) پي ايس 9 ڳڙھي ياسين تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار ۽ مرحوم آغا سراج دراني جي پٽ شهباز دراني ميدان ماري ورتو، جي يو آءِ جي اميدوار کي شڪست ملي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايس 9 ڳڙھي ياسين تڪ تي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي آغا شھباز دراني73554 ووٽ کڻي ميدان ماري ورتو، جڏھن ته مقابلي ۾ بيٺل جي يو آءِ اڳواڻ رشد الله شاھ امروٽي9412 ووٽ حاصل ڪري سگھيو، جڏھن ته پي پي مخالف اميدوار گھر جي پولنگ اسٽيشن امروٽي شريف به ليڊ سان ھارائي ويو، امروٽي شريف پولنگ اسٽيشن تي پي پي جي شھباز دراني 892 جڏھن ته رشدالله شاھ 352ووٽ کڻي سگھيو، چونڊ تڪ تي اليڪشن ڪميشن طرفان 178پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون ھيون جن ۾ انتھائي حساس 54 پولنگ اسٽيشن ۽ حساس پولنگ اسٽيشن 84 نارمل پولنگ اسٽيشن 44ھيون چونڊ تڪ تي پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، ٽي ھزار پوليس جا جوان ۽ ڪنھن اڻ وڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ رينجرس جا 200 جوان پڻ پولنگ اسٽيشن اندر مقرر ڪيا ويا، ھن تڪ تي ٽوٽل ووٽن جو انگ 2 لک 17 ھزار 792 ھو جنھن ۾ مرد ووٽرن جو انگ ھڪ لک 48ھزار 3سو مرد ھڪ لک 25 ھزار 482 عورت ووٽر داخل ٿيل آهن چونڊن ۾ 8 اميدوارن حصو ورتو جنھن ۾ اصل مقابلو جي يو آءِ جي رشدالله شاھ امروٽي ۽ پي پي اميدوار شھباز دراني ۾ ٿيو، جنھن ۾ پي پي اميدوار ميدان ماري چونڊ کٽي ورتي، ڪامياب ٿيل شھباز دراني چيو ته بابا جي نقش قدم تي ھلندي تڪ جي ماڻھن جي خدمت ڪندس مخالف هارائڻ کان پوءِ ڌانڌلي جو گوڙ ڪندا آھن اڄ عوام جي ڪاميابي ٿي آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايس 9 تي اليڪشن ڪميشن جي نااھلي سامهون آئي، ٻهراڙي جا ووٽ ڳڙھي ياسين شھر منتقل ڪيا ويا، شھر ۾ قائم گورٽمينٽ گرلس سيڪنڊري اسڪول پولنگ اسٽيشن تي مدئجي جندو ديرو امروٽ بڊو نبي شاھ وڳڻ جادو ڪلھوڙو ۽ ٻين ھنڌن جا ووٽ شھر منتقل ڪيا ويا جنھن سبب پولنگ اسٽيشن نمبر 5 سٽي ڳڙھي ياسين جي بوتھ نمبر 3 ۾ ٽوٽل ووٽ 670داخل ٿيل ھئا جتي ٽوٽل ووٽ بوتھ ۾ صبع کان شام تائين 28 ڪاسٽ ٿي سگھيا، پي پي اميدوار جي ايجنٽ شفقت علي چيو ته اسان کي جيڪي لسٽون ڏنيون ويون آھن انھن ۾ شھر جا ٽوٽل 28 ووٽ نڪتا جيڪي ڪاسٽ ڪيا ويا آھن باقي لسٽ ۾ ٻھراڙي جي علائقن جا ووٽ درج ٿيل آھن جنھن ڪري ووٽ ڪاسٽ نه ٿي سگھيو.
-
ڪيترن ئي پولنگن ۾ اسان جي ماڻهن کي ويهڻ نه ڏنو ويو: رشدالله شاهه
شڪارپور/ ڳڙهي ياسين: ننڍي چونڊ ۾ هارائيندڙ جي يو آءِ اميدوار رشدالله شاھ امروٽي الزام لڳائيندي چيو ته جاڳڻ سرڪل ۾ ماڻھن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه ڏنو ويو ڪيترن پولنگ اسٽيشن تي اسان جي ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشن اندر ويھڻ نه ڏنو ويو، پولنگ اسٽيشن 171پولنگ اسٽيشن 173/171 سميت 21 پولنگ اسٽيشن تي کلي عام ڌانڌلي ڪري ٺپا ھنيا ويا آھن، ھن چيو ته ڌانڌالي باوجود ماڻھن جي يو آءِ کي ووٽ ڪيو آھي ڪيترن علائقن جون لسٽون تبديل ڪيون ويون ووٽ ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪيا ويا، چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪيو ويندو، تحريڪ لبيڪ جي اميدوار اسرار ابڙو چيو ته اليڪشن ۾ مڪمل حڪومتي مشينري استعمال ٿي ماڻھن کي ووٽ لاءِ آزاد نه ڇڏيو ويو ستر سيڪڙو ماڻھو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ گھرن مان ٻاھر نه نڪتا آھن عوام حڪمرانن مان مايوس ٿي چڪو آھي کين خبر آھي ته ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونھي ان ڪري ماڻھو مايوس آھن.
-
شهباز دراني جي ڪاميابي تي پيپلزپارٽي ڪارڪنن جو جشن
شڪارپور/ ڳڙهي ياسين: پي پي اميدوار آغا شھباز دراني جي ڪاميابي جو جشن ڳڙھي ياسين شھر ۾ پي پي جيالن توڙي ڪارڪننطرفان جشن ملهايو ويو، آتش بازي ۽ ھوائي فائرنگ ڪئي وئي جڏھن ته پي پي اڳواڻ ايم اين اي شھر يار مھر پي پي ايم پي امتياز شيخ،سردار ذوالفقار ڪماريو،چئيرمين ميونسپل ڪاميٽي فياض محمود شيخ ۽ ٻيا آڳواڻ ڪوٽ دراني پھتل ھئا دراني ھاوس تي کٽيل اميدوار جي خوشي ۾ جشن ھلندڙ ھو آغا سراج دراني جي وفات بعد ھن تڪ تي چونڊ ٿي جنھن ۾ سندس پٽ شھباز دراني ڪامياب ٿيو آھي.