ننگرپارڪر ۾ وحشي پيءُ طرفان نياڻي ڪارنهن الزام هيٺ تذليل ڪري قتل

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ننگرپارڪر ۾ وحشي پيءُ پنھنجي نياڻي کي ڪاري قرار ڏيئي کيس مٿو ڪوڙي ھٿ پير ٻڌي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏي، ڳوٺ تاج محمد شاھ ۾ وحشي پيءُ منگل ڀيل پنھنجي نوجوان 18 سالن جي ڌيءُ گوري کي ڪاري قرار ڏيئي سندس مٿي جا وار ڪوڙي رسن  سان ٻڌي لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي ڏانوڌانڌل پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ننگرپارڪر اسپتال منتقل ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، پوليس ڌيءُ جي قاتل پيءُ کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾  اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڏانوڌاندل پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي ڄاڻ موجب، پيءُ منگل ڀيل ڪهاڙين ۽ لٺين جا وار ڪري پنهنجي ڌيءَ کي مبينا طور قتل ڪيو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي، پوليس موجب جوابدار منگل ڀيل کي گرفتار ڪري  پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس وارثن جي بيان جي بنياد تي داخل ڪيو ويندو جڏهن ته جڏهن پوليس ذريعن موجب پنهنجي ڌيءِ کي مبينا قتل ڪندڙ جوابدار منگل ڀيل پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي ڄاڻايو آهي ته ڪارنهن الزام هيٺ مون پنهنجي ڌيءَ کي قتل ڪئي آهي مونکي ڪوبه پڇتاءُ نه آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي، مقتولا جا وارث رات دير تائين ٿاڻي تي ويٺل آهن،جڏهن ته پوليس ڳوٺ تاج محمد شاهه ۾ پهتل آهي، جتي قتل بابت گهڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پوليس اڃان تائين جوابدار منگل ڀيل جي نه گرفتاري ظاهر ڪئي آهي نه وري واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.