ثقافتي ڏهاڙي تي رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي:فاروق ستار

ڪراچي (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي ڪراچي جي شاهراهن ۽ مختلف هنڌن تي رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي هئي، ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، هن الزام لڳايو ته 7 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙي جي نالي تي قانون لتاڙيو ويو، ڪجهه ماڻهن کي زخمي پڻ ڪيو ويو، مين اسٽريم ميڊيا تي سمورو رڪارڊ موجود آهي، جيڪي ڪيس داخل ٿيا آهن تن ۾ دهشت گردي، اقدام قتل ۽ ٻيون سنگين شقون شامل آهن. جيڪڏهن وڏو جاني نقصان ٿئي ها ته پوءِ ڇا دهشت گردي چونداسين؟ جنهن طرح نقصان ڪيو ويو، اهو پاڻ ۾ دهشت گردي وارو عمل هو، پوليس کي روڪڻ تي پوليس تي به حملو ڪيو ويو، گرفتار ٿيلن مان اڪثر کي ڇڏيو ويو آهي،  عدالت ۾ پيش ڪرڻ وقت عدالت پاڻ جوابدارن جو ڪيس وڙهندي نظر آئي، کين وڪيل جي به ضرورت نه پئي، فاروق ستار چيو ته اسان جو ڪنهن به پُرامن ريلي ۾ شريڪ سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪو جهيڙو ناهي، پر ڪراچي جو امن تباھ ڪري وڳوڙن جي سازش ڪئي وئي، هڪ ڀيرو ٻيهر ڀائرن کي ڀائرن سان وڙهائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، اسان ڏسندا رهياسين ته سنڌ حڪومت جو ردعمل ڇا اچي ٿو. شهر ۾ مخصوص ٻولي ڳالهائيندڙ وڪيلن جو ٽولو زمينن تي قبضن جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ذيلي عدالت جي رويي تي اعليٰ عدالت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف زرداري کي به هن معاملي تي ڳالهائڻ گهرجي، جيڪي گورنر سان ٿيو، اهو سڀاڻي وزيراعليٰ سان به ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.