ڪنڌڪوٽ ۾ جنوني شخص جي فائرنگ، نينگر سوڌو 4 ڄڻا قتل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي گبلو  ٿاڻي جي حد ۾ جنوني شخص ڪلاشنڪوف کڻي برسٽ ھلائي ڇڏيو، ٻه عورتون، هڪ نينگر ۽ هڪ مرد تل ٿي ويا، ڪچي واري علائقي پوليس ٿاڻي گبلو جي حد ۾ ڳوٺ گلاب بنگوار ۾ چاچي جي گھر آيل  جتوئي بنگوار گھر ۾ پيل ڪلاشنڪوف کڻي اوچتو برسٽ ھلائي ڇڏيو، ڪلاشنڪوف جون گوليون لڳڻ سبب گھر ۾ موجود مھمان ٿي آيل مائٽ رحيم بخش بنگوار، ھڪ معصوم نينگر علي گل ۽ ٻه عورتون ضميران خاتون، توڏي خاتون قتل ٿي ويا، جڏهن ته ھڪ ڄڻو حيوت عرف ڏاڏو بنگوار زخمي ٿي پيو، واقعي جي اطلاع باوجود حد ٿاڻي جي پوليس روايتي انداز موجب واقعي واري ھنڌ نه پھتي، علائقي واسين ڪار ۾ زخمي کي کڻائي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو جتان زخمي جي نازڪ حالت ھجڻ ڪري کيس سکر منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته ڊاٽسن ذريعي فوتين جا لاش بخشاپور اسپتال آندا ويا جتي قانوني ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، واقعي تي علائقي ۾ خوف حراس پيدا ٿي ويو علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واقعو ڪو ذاتي دشمني نه پر ھڪ جنوني شخص سبب پيش آيو آهي واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيا ۽ نه ھي پوليس واقعي بابت ڪجهه ٻڌائي رھي آهي، خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.