قدرتي توڙي هٿرادو سببن جي ڪري پاڻي کوٽ ٿي رهي آهي: انتظاميا

ڄامشورو (رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو) ڄامشوري ۾ 13 ڊسمبر تي هڪ ڏينھن واري پاڻي ميلي جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن. ايم. ايڇ. پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران منعقد ٿيندڙ ميلي ۾ پاڻي جي اهميت، گدلاڻ، استعمال ۽ سنڌو درياهه جي مسئلن تي مختلف ويهڪون ٿينديون، جتي  ملڪ مان پاڻي ماهر پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندا.ميلي جي دوران ڪتابن جا اسٽال، سائنسي نمائشون، راندين ۽ کاڌي جا اسٽال پڻ لڳايا ويندا، جڏهن ته پروگرام جي پڄاڻي ناٽڪ، راڳ رنگ جي محفل ۽ فني نمائش سان ٿيندي. پاڻي ميلي جو مقصد عوام ۾ پاڻي جي اهميت، ان جي استعمال ۽ مستقبل لاءِ پاڻي جي ذخيرن جي حفاظت بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر ضياء الدين ابڙو، ڊاڪٽر ڀائي خان شر، نرنجن راجاڻي، ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو، لياقت رضوي ۽ تاج مري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انسٽيٽيوٽ سرڪاري ناهي ۽ ميلي لاءِ ڪا به مالي مدد سرڪار کان حاصل نه ڪئي وئي. پاڻي ميلي ۾ ماڻهن جي ڌيان کي پاڻي جي مڙني وسيلن، دريائن، ڍنڍن، مينهن ۽ سمنڊ جي تحفظ ڏانهن ڇڪائڻ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي پاڻي جي مسئلن جي حل لاءِ تربيت ڏيڻ تي زور ڏنو ويو آهي.  هنن چيو ته اسان جي ڳڻپ جهجهي مقدار ۾ پاڻي موجود هجڻ واري تهذيبن ۾ ٿئي ٿي، ڪجهه قدرتي توڻي هٿرادو سببن جي ڪري پاڻي کوٽ واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي پاڻي ذخيرن جو قدر نه ڪيو ته ايندڙ نسل پاڻي جي بحرانن جو شڪار ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.