قصو بيمار زاهده حنا ۽ ساڻس ملاقات جو

تحرير: اياز لطيف دايو

” عورت ٿيڻ، افسانا لکڻ، اختلاف ڪرڻ، ٽيئي اسان جي سماج جون خرابيون آهن ۽ مان انهن جو مجموعو آهيان“هي لفظ آهن زاهده حنا جا جنهن جا کوڙ سارا تعارف آهن، ڪالم نويس، افسانا نگار،ڊراما نويس،شاعرا پر هن جو تمام وڏو ۽ شاندار تعارف اهو آهي ته جڏهن سندس خدمتن جي عيوض 2006 ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ته هن اهو انهيءَ دور جي آمر مشرف جي هٿان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن سموري زندگي ملڪ جي مظلوم محڪوم ۽ مجبور ماڻهن جي ڪيمپ جي طرفداري ڪندي پنهنجي قلم انهن جي لاءِ استعمال ڪئي ته اهو ممڪن نه هو ته هوءَ ڪنهن ڦورو، لٽيري ۽ غاصب حڪمران کان اهڙو اعزاز حاصل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ،اها زاهده حنا جنهن جي ڪهاڻي کي فيض احمد فيض جهڙي انقلابي شاعر انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، انهيءَ 1970 ۾ ناليواري شاعر جون ايليا سان انهي وقت پيار جي شادي ڪئي هئي، جڏهن جون ايليا هڪ ادبي رسالي انشاء جو ايڊيٽر هو، ٻنهي جي ملاقات ٿي ۽ هڪٻئي جي رومانس جي احساسن کي انهن پنهنجي عمر جي ويجهو اچڻ نه ڏنو ڇاڪاڻ ته جون ايليا زاھدہ حنا کان چوڏهن پندرهن سال عمر ۾ وڏو هو، انهن جي وچ ۾ گهڻو عرصو اهو محبتن جو سٻنڌ جاري رهي نه سگهيو ۽ 1980 ۾ ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي،ٻنهي گڏجي رضامندي سان هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نشاني طور انهن ٻن ڌيئرن فنانا، سهانا ۽ هڪ پٽ زريون  کي جنم ڏنو، جيڪي هاڻي پنهنجي ماءُ سان گڏ آهن،ٻنهي جي وچ ۾ علحدگي ٿيڻي هئي ٿي وئي پر جون ايليا پنهنجي زندگيءَ کي اڌورو سمجهي شراب نوشي ۾ پناهه ورتي، فراريت هن جي وجود ۾ داخل ٿي وئي ۽ 2002 ۾ هو ڪافي ڏينهن بيمارين سان جهيڙيندي ابدي سفر ڏي راهي ٿي ويو پر برصغير هڪڙي اردو جي عظيم شاعر کان محروم ٿي ويو،جون ۽ زاهده جي ڌار ٿيڻ بعد ٻنهي جو علمي، ادبي فڪري ۽ شعوري سفر جاري رهيو، ڇاڪاڻ ته انهن جي تربيت ئي اهڙي گهراڻي ۾ ٿي هئي جتي علم ۽ ادب جي مشعل کين ورثي ۾ ملي هئي

 زاهده حنا هن وقت اسي ورهين جي عمر ۾ سخت عليل هجڻ سبب بستري داخل آهي، ڪراچي جي گلستان جوهر جي هڪ مصروف ترين علائقي جي فليٽ ۾ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي چڪي آهي، سندس ياداشت به ڪمزور نظر آئي، خدمت جي لاءِ هڪ نوجوان با اخلاق ڇوڪري نادره نالي هن جي تيمارداري سان گڏ مهمانن جي خاطر تواضع لاءِ مقرر ٿيل آهي، شاندار بيڊ روم ئي هاڻي سندس ڪائنات بڻيل آهي،جيڪو سموري دنيا جي مختلف ٻولين جي ڪتابن سان کچا کچ ڀريل آهي، سندس بيڊ جي ڀرسان پڻ ڪيترائي ڪتاب پيل آهن جن کي هوءَ شايد هاڻي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسندي رهي ٿي يا انهن کي ڏسڻ سان ئي کيس شايد ڪا روح کي راحت ملندي رهي ٿي، عمر جي آخري حصي ۾ انهيءَ ماڻهو جون ڪيفيتون وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون هونديون آهن جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ماڻهو انتظار ڪندا آهن، هن پنهنجي سموري زندگي تمام وڏي ادبي تحرڪ ۾ گذاري ڇڏي، هن نيشنل بينڪ ۾ به نوڪري ڪئي، اخبارن ۽رسالن ۾ به گذر سفر لاءِ روزگار ڪيو، لنڊن ۾ سال ڏيڍ بي بي سي ٽي پڻ ملازمت ڪئي، پر بعد ۾ واپس ڪراچي هلي آئي،زاهده پنهنجي زندگيءَ ۾ سارڪ لٽرري ايوارڊ وٺڻ سان گڏ سوين ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي پر هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ به اهو چوڻ ۾ فخر پئي محسوس ڪيو ته سندس وڏو ايوارڊ  ماڻهن جي محبت ۽ احترام آهي، تاريخ جا سڀ وڏا ماڻهو گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي باوجود محسوس ڪندا آهن ته انهن پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ذري برابر به ڪم نه ڪيو آهي، اهڙي طرح زاهده حنا لازوال ۽ شاندار ادبي، صحافتي، فڪري ۽ شعوري ڪم ڪرڻ ۽ ڪيترائي ناياب ڪتاب ڏيڻ جي باوجود پنهنجي لاءِ چئي رهي هئي ته هوءَ اڃان سکڻ جي مرحلي ۾ هئي پر هاڻي سندس جسم ۾ حرارت ۽ طاقت هن کي وڌيڪ علمي، ادبي ۽ صحافتي ڪم کان محروم ڪري ڇڏيو آهي

 سنڌ جي عالمي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاهد دايو جي قيادت ۾ قافلي جي دوستن گل محمد منگي، نعيم شيخ، قادر اعظم، وليم صادق ۽ ڪامريڊ گل ناز منگي سان گڏ زاهده حنا جي فليٽ تي پهچي کيس اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا سين، ڪتابن، گلن ۽ ٽوپي سان اجرڪن جي تحفن تي هن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، هن ڪامريڊ ڄام ساقي، شيخ اياز، ڪامريڊ امام علي نازش سميت جدوجهد ڪندڙ ڪيترن ئي ڪردارن کي هن وڏي محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪيو، هن کي سنڌ جي لازوال تهذيب سان محبت آهي ۽ نراسائي جي ڪيفيت ۾ چئي رهي هئي ته اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ پنهنجي نفرتن جو انجام ۽ ڏسي چڪا آهن، انهن کي هاڻي پنهنجي سنڌ ڌرتي جي وارثي ڪرڻ گهرجي ۽ هن شاندار تهذيب ۾ ضم ٿيڻ گهرجي، سنڌ جي خوشحالي جو بس اهو هڪڙو ئي رستو آهي، نوم چومسڪي جي 93 هين سالگرهه جو هن انجمن جي دوستن سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيندي چيو ته منهنجي لاءِ ته هو پير مرشد جي برابر آهي،چومسڪي صدين جي تاريخ ۽ فڪر جي ترجماني ڪئي آهي

 مان سوچڻ لڳس جيڪڏهن ورهاڱي بعد سنڌ ۾ آيل اردو آبادي زاهده حنا جهڙن ڪردارن کان تربيت حاصل ڪري ها ته انهن کي سنڌ  ڌرتي ائين ئي محبتون ارپي ها جيئن زاهده حنا چئي رهي هئي ته جڏهن منهنجي موت تي سنڌو جي پاڻي سان غسل ڪيو ويندو، سنڌ جي مهڪندڙ مٽي ۾ دفن ڪيو ويندو ته انهيءَ وقت پنهنجي زندگيءَ جي سفر کي سجايو سمجھندس،زاھدہ حنا جي ننڍي ڌيءَ مختصر گفتگو ۾ چئي رهي هئي ته جنهن اردو ٻولي جي فروغ لاءِ سندس ماءُ زندگي وقف ڪري ڇڏي، انهيءَ ٻولي جا اديب، دانشور ۽ ادارا انهي جو قدر ڪري نه سگهيا آهن، ايتريقدر جو ڪڏهن عيادت لاءِ به لڙي نه آيا آهن، اگر ڪڏهن ايندا به آهن ته ڪا نه ڪا اختلافي ڳالهه ڪري امي جي روح کي زخمي ڪري ويندا آهن، هن چيو ته اوهان انجمن جي دوستن جي اچڻ سان پهريون ڀيرو امي جي چهري تي گلابن جهڙي مرڪ تري آئي آهي، ھوءَ اوهان جون محبتون ۽ احترام ڏسي ڏاڍي پرسڪون لڳي ٿي پئي،مون هن کي ٻڌايو ته زاهده حنا علم، ادب ۽ صحافت جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکائي چڪي آهي، هن پنهنجي حصي جو شاندار ڪم ڪيو آهي، هن شاندار ڪتاب ڏنا آهن، جن ۾ جاگتي آنکهون ڪا خواب،عورت زندگي ڪا زندان،راہ مين اجل هي، قيدي سانس ليتا هي،تتليان ڍونڍني والي،رقص بسمل هي،شهرزاد مغرب مين(عربي مان ترجمو)، هلاڪت گريز عالمي سياست(ترجمو) ۽ ٻيا شامل آهن، اهڙي طرح هن شاعري پڻ ڪئي آهي، هزارين ڪالم لکيا آهن،ڇاڪاڻ ته هوءَ برصغير جي برک ليکڪائن ۾ پنهنجو نالو لکائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي

جنهن جو جنم 5 آڪٽوبر 1946 ۾ هندستاني رياست بهار جي تاريخي شهر سهسرام ۾ ٿيو، ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن طرفان کيس علم ادب جو ڪم ورثي ۾ مليو، هن سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي جي وومين ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي، ابتدائي طور ئي کيس سيڪيولر ۽ روشن خيالي جو ماحول مليو، هن پنهنجي زندگي ادب جي لاءِ ارپيندي تمام وڏو مطالعو ڪيو جنهن ڪري هن جي لکڻين ۾ تاريخي، تهذيبي، فلسفي ۽ فڪر جا حوالا موجود آهن، هوءَ اهو چوندي فخر محسوس ڪندي آهي ته ڀارت منهنجي جنم ڀومي آهي ۽ سنڌ منهنجي ڪرم ڀونگي آهي،هن پنهنجي جيون جون سڀ بهارون آرٽ ،موسيقي ۽ عورتن جي حقن ۾ گذاريندي ڪڏهن به مصلحت پسندي کان ڪم ناهي ورتو، هن سموري دنيا جي لاهن ۽ چاڙهن کي پنهنجي تخليقن جي ذريعي پيش ڪندي سدائين مظلومن جي ڪيمپ جي نمائندگي ڪئي آهي،هن جي ڪهاڻين جا سڀ ڪردار اسان جي سماج مان ڦٽي نڪتل آهن، سندس هر ڪهاڻي ۾ مذهبي انتها پسندي، رياستي جبر، رومانس جا حقيقي رنگ ۽ صوفي فڪر جون انڊلٺي ڌارائون موجود آهن،زاهده حنا سان ڪچهري ڪندي محسوس ٿي رهيو هو ته تاريخ ساز ۽ آدرشي شخصيتون ڪهڙي طرح پنهنجي فڪري پورهئي سان سفر ڪنديون آهن، ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته انجمن ترقي پسند مصنفين ،سنڌي ادبي سنگت ،سگا ۽ اهڙيون ٻيون تنظيمون ۽ ادارا اهڙين شخصيتن جي جيئري مڃتا ڏين، انهن جي ڪيل ڪم کي سماج جي انهن ماڻهن تائين پهچائڻ گهرجي جن لاءِ انهن پنهنجي قلم کي استعمال ڪيو، انهيءَ سان فڪري شعوري رستي تي هلڻ جو نئون اتساهه پيدا ٿي سگهي ٿو، اسان پنهنجي ڪچهري دوران زاهده حنا کي سندس شعر وانگر ئي محسوس ڪري رهيا هئا سين

ھاں چراغاں کی کیفیت تھی کبھی،

اب تو پلکوں پہ ایک دیا بھی نھیں.

زندگيءَ جي پڇاڙڪن پهرن ۾ بلڪل اهڙي ئي ڪيفيت هوندي آهي ته ڪڏهن سموري ڪائنات جون خوشيون ستارا جهول ۾ هوندا آهن ۽ ڪڏهن وري اکڙين جي پلڪن کان هڪ ديپ به محروم هوندو آهي، پر اهو هڪڙو فطري عمل آهي، جنهن کي زاهده حنا جهڙي جينئس ليکڪا کان وڌيڪ ڪير گهرائي سان محسوس ڪري سگهي ٿو، انھي ڪري ئي ته هن جي اکين ۾ اسان کي هن جي شعر جي برعڪس روشني جو آڪاس محسوس ٿي رهيو هو، سندس چهري تي ڪو هڪ به گهنج موجود نه هو جيڪو هن جي ٿڪاوٽ جو احساس ڏياري سگهي، جسم ۽ ذهن جو پاڻ ۾ اٽوٽ رشتو هوندو آهي، ذهن هن کان گهڻو ڪم ڪرائڻ جو اتساهه ڏيئي رهيو هو پر هن جي جسم جا عضوا هن جي ساٿ اڳيان مجبور هئا، ايتريقدر جو هن پنهنجي آڱرين جي ڇهاءَ سان موبائيل جي اسڪرين کي به اوپرو پئي محسوس ڪيو، سندس اهڙي ڪيفيت تي اسان ڏکارا هئا سين پر هن جي چپن جي لرزش، اکين جي چمڪ ۽ چهري جي ڳاڙهي سورج کي ڏسي اسان سندس اميدن جي دنيا جو حصو بڻجي هن جي ڪتابن جي ڪائنات واري ڪمري کان موڪلائي واپس  ٿيا سين ۽ اسان جي نيڻن جي ماڻڪين ۾ هي تاريخي ۽ شاندار لمحا هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.