ڪراچي (رپورٽر) چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ گرفتار غني امان ۽ سرمد ميراڻي کي 50 هزار رپين جي مچلڪن تي ضمانت ڏني ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 15 ڊسمبر تي جواب طلب ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو صدر حسيب جمالي، ڪراچي بار جو صدر عامر وڙائچ ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ موجود هئا. ياد رهي ته ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت گذريل ڏينهن ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي ۽ انهن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.