پشاور (م ڊ) پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل افريدي فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي پريس ڪانفرنس جو جواب ڏنو. هن چيوته هڪ اداري جو ڊي جي اچي پريس ڪانفرنس ڪري ٿو ۽ مون بابت غلط لفظ استعمال ڪري ٿو، مان غيور پختون قبائلي آهيان، منهنجي تربيت اهڙي ناهي جو مان گاريون ڏيان. هن چيو ته هڪ اداري جي ڊي جي ۽ هڪ جعلي سينيٽر ۾ فرق هجڻ گهرجي. هڪ پارٽي جي ٻن جعلي وزيرن ۽ هڪ اداري جي ڊي جي ۾ فرق هجڻ گهرجي، نه اوهان جعلي سينيٽر آهيو ۽ نه ئي اوهان ڪنهن پارٽي جا ترجمان آهيو. جمعي تي پاڪستاني فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي پريس ڪانفرنس ۾ سندس واتان ڪجهه سخت لفظ ٻڌا ويا جن ۾ قومي سلامتي لاءِ خطرو، ذهني مريض، خود پسند ۽ پنهنجي ذات جو قيدي شامل آهن. سهيل آفريدي جلسي کي خطاب ۾ چيو ته منهنجي وڏن منهنجي ملڪ ۽ ان جي ادارن سان محبت سيکاري آهي. سندس چوڻ هو ته سڪيورٽي پاليسي ناهي، 21 سالن کان آپريشن تي آپريشن، ڊرون تي ڊرون هلي رهيا آهن، 21 سالن کان منهنجي پختون جو رت وهي رهيو آهي، 21 سالن کان منهنجو پختون پاڪستان ۽ پاڪستانين لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن 21 سالن ۾ اوهان جي پاليسي ڪامياب ناهي رهي ته ڏوهه اوهان جو آهي، اوهان پنهنجي پاليسي تبديل ڪريو، اسان رڳو تنقيد نه حل به ٻڌائيندا آهيون. هن چيو ته هر ايندڙ شخص نئين پاليسي ٺاهي ٿو، نئون تجربو ڪري ٿو، غيور عوام جو صوبو خيبرپختونخوا آهي، ڪا ليبارٽي ناهي، هاڻي صوبي جو عوام پاليسي ٺاهيندو ۽ اها ئي پاليسي هلندي. هن چيو ته اسان جي انهن ڳالهين سان تڪليف پهچي ٿي، انهن کي تڪليف ٿئي ٿي ته اسان تڪليف پهچائينداسين، جيڪو پاڪستان جي مفاد ۾ نه هوندو، اهو اسان کي ڪير ڊڪٽيٽ نه ڪندو، فيصلو عوام ڪندو. وڏي وزير چيو ته اسان تي ڇا تنقيد ڪريو ٿا؟ اسان جي تربيت اها آهي ته ملڪ لاءِ جان قربان ڪرڻي پوي ته نه ڪيٻائينداسين. ان لاءِ اسان 80 هزار کان وڌيڪ حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. جلسي ۾ سهيل آفريدي جي خطاب کان اڳ قومي ترانو وڄايو ويو. سهيل آفريدي پشتو جو شعر پڙهيو جنهن تي جلسي ۾ نعريبازي سروع ٿي. هن پشاور لاءِ 100 ارب رپين جي پيڪيج جو به اعلان ڪيو. سهيل آفريدي چيو ته اهو چيو ويندو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ ڪا به گورننس ناهي، خيبر پختونخوا ۾ گورننس آهي، تنهن جي ڪري ماڻهو ٽيون ڀيرو عمران خان کي ووٽ ڏئي رهيا آهن.