ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر )سنڌ جو نعرو ڪرپشن کان ڇوٽڪارو“ جي عنوان سان عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ ثفافتي عيد، ڪرپشن سنڌ جو اهم ۽ سنگين مسئلو قرار، سنڌ ڌرتي ۽ ان جا وسيلا بچائڻ جو عزم، تفصيل موجب سنڌ جي ثقافتي عيد تي ڪراچي جي روڊن رستن تي ڪالهه سڄو ڏينهن سنڌي نوجوان رقص ڪندا ڪراچي پريس ڪلب پهتا سنڌ جي سپوتن نياڻين مائرن ڀينرن بزرگن ۽ سنڌي نوجوانن سنڌ سان پيار عشق ۽ وفا جي وچن کي ورجائيندي سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ڌام ڌوم سان ملھايو، ان موقعي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪلچرل شو منعقد ڪيو ويو جتي ناليوارن فنڪارن احمد مغل، تاج مستاني سميت ٻين فنڪارن قومي گيت ڳائي سنڌ سان عشق جو اظھار ڪيو، شو ۾ شرڪت ڪندڙ لکين سنڌين سان گڏجي سنڌ ڌرتي سان مرڻ جيئڻ جا واعدا ڪيا، ان موقعي تي قومي نعرا لڳايا ويا جن ۾ نعرن ۾ "مرسون مرسون سنڌ نـ ڏيسون” سھندو ڪير ميار او يار سنڌڙي تان سر ڪير نـ ڏيندو” ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ نامنظور” سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور” سنڌ جي حقن تي ڌاڙو نامنظور” شامل آھن. سنڌين کي پھريل سنڌي لباس اجرڪ سنڌي ٽوپي لونگي ۽ ٻين ثقافتي لباسن جي انڊلٺي رنگن ثقافتي عيد کي رنگا رنگ بڻائي ڇڏيو، سڄو ڏينھن ڪراچي جي روڊن رستن گھٽين سميت منعقد ڪيل ڪلچرل شوز ۾ سنڌي رقص ڪندي خوشي جو اظھار ڪندا رھيا، هوڏانهن سنڌ جي ٻئي وڏي شھر حيدرآباد ۾ به سنڌ جي ثقافت واري ڏينهن کي سنڌ جو نعرو ڪرپشن کان ڇوٽڪارو واري نعري ھيٺ ملھايو ويو، سڄي شھر ۾ ماڻهن سنڌين اجرڪ اوڍي ريليون ڪڍيون، سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ويو. ريلين ۾ عورتن ۽ ٻارڙن به شرڪت ڪئي ثقافتي ڏينهن کي عيد جيان ملهايو ويو. شهر جي حيدرآباد چوڪ، حيدرآباد پريس ڪلب، قاسم آباد ۽ لطيف آباد سميت سڄي شھر ۾ سياسي، سماجي تنظيمن، وڪيلن، اديبن ۽ دانشورن جي نڪتل ريلين دوران اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ کي ڪرپشن اڏوھي جيان کائي رھي آھي. جيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو سنڌ ترقي ڪري نه سگھندي، سنڌ ھاري ڪميٽيءَ طرفان حيدرآباد ۾ تاريخي ريلي ڪڍي وئي. جنھن کي سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جي صدر ثمر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته عوامي آواز سنڌ جو آواز بڻجي ڪرپشن خلاف سنڌ کي ھڪ بينر ھيٺ گڏ ڪيو آھي. ثقافتي ڏهاڙي جي مک تقريب حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران ٿي، جنهن ۾ سينيئر صحافين شرڪت ڪئي. حيدرآباد شهر، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي جي مختلف علائقن مان هزارين ماڻهو پريس ڪلب آڏو تقريب ۾ پھتا. جتي سنڌ جي مشهور راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪيو، جڏهن ته مشهور مور ڊانسر ماسٽر غلام حسين مور جو رقص پيش ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. اڳواڻن چيو ته ته سنڌ صدين کان صوفين جي سرزمين رهندي اچي پئي، هن ڌرتي جو اصل تشخص امن ۽ سلامتي آهي، سنڌ قديم آڳاٽي زماني کان هڪ زرخيز خطو رهيو آهي، هن ڌرتي جي ماڻهن کي صديون پراڻي شاهوڪار تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ ٻولي آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت تي اڄ به ناز ڪن ٿا، پر ڪرپشن سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سڄي سنڌ کي هڪ ٿي آواز اٿارڻو پوندو.لکي غلام شاهه مان نمائندي موجب عوامي آواز جي سڏ ڪرپشن کان ڇوٽڪارو جي نعري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو لکي غلام شاهه چڪ رستم جهان خان ٻين شهرن ريليون ڪڍيون ويون قومي گيتن تي رقص ڌاريا نامنظور جا نعرا هنيا ويا، جسقم طرفان لکي چڪ ۾ شاندار ريليون ڪڍيون ويون، لکي غلام شاهه شهر ۾ جسقم بشير خان قريشي چڪ شهر ۾ جسقم بشير خان قريشي طرفان ريليون ڪڍيون ويون جن ريلين ۾ ٻين سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي قومي ڪارڪنن توڙي اسڪولي شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي رستم جهان خان مان به ريليون ڪڍي ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو لکي ۾ ڦٽاڪو سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي شاهي بازار کان شاندار ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ کان لکي موڙ تائين پيادل مارچ ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو ريلي ۾ ننڍن توڙي وڏن اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي پنهنجي ثقافت سان محبت جو وچن ورجايو چڪ ۾ غلام قادر مهر گوهر، سورهيه سنڌي شارخ مهر، عبدالجبار مهر ۽ ٻين ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ دوران قومي گيتن تي خوب رقص ڪيو ٻئي سنڌي غني غمدل صحافي نديم جان مهر، صحافي هدايت الله مهر، عبدالرزاق بروهي فهيم حيدر منگي گوگي رام نثار احمد جاگيراڻي ٻين ريلي جي اڳوڻي ڪئي اڳواڻ چيو ته سنڌ هزارين سالن زنده آهي ۽ رهندي هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت ملهائڻ هر سنڌي جو فرض آهي هي سنڌي جي عيد آهي هنن وڌيڪ چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ هر وقت سنڌ جي ڳالھ ڪئي آهي ان ڪري سڄي سنڌ سندس جي سڏ کي پنهنجو سڏ سمجهي قومي ڪاڄ ملهائي رهي آهي سنڌي ميڊيا قوم سان گڏ آهي ان ڪري سنڌي عوام به سنڌي ميڊيا جي هر سڏ تي لبيڪ ڪري رهي آهي، هوڏانهن سانگهڙ، پيرومل، کپرو، عمرڪوٽ، نوشهروفيروز ، نوابشاهه، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمدخان، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، قمبرشهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، اوٻاوڙو، ٽنڊي ڄام، ميرپورخاص، گمبٽ، فيض گنج، ڪوٽ مير محمد، ڪوٽڏيجي، راڻيپور، ماتلي، ڄامشورو، ڪوٽڙي، روهڙي، صالح پٽ، جهنڊومري، حيات پتافي، نصيرآباد، وارهه، گاجي کهاوڙ، شاهپورچاڪر، شهدادپور، ڪنڊياري، ٽنڊي آدم، ٺل، دائوجهانپور، ڳڙهي خيرو، ۽ ٻين سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون