پي ٽي آءِ جيڪڏهن عمران خان جو بيانيو ڇڏي ته ڳالهيون ممڪن آهن]\عطاءُالله تارڙ

لاهور(بيورو)وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جا اڳواڻ چئن ته هو پنهنجي باني عمران خان جي بيانئي سان گڏ ناهن، ته پوءِ حڪومت ساڻن ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي، هن چيو ته جيڪڏهن خيبرپختونخوا جو وزيراعلى اڊياله جيل ايندو ته کيس واپس موٽايو ويندوسهيل آفريدي کي به پهرين ناڪي تان ئي واپس موڪليو ويندو، جڏهن ته جيڪڏهن عمران خان جون ڀينرون اچي ويون ته انهن جي گرفتاري به خارج از امڪان ناهي۔هڪ انٽرويو ۾ عطا تارڙ زور ڏيندي چيو ته ملڪ کي ڪنهن به قيمت تي خطري ۾ وجهڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي۔هن ٻيهر ورجائي چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا پاڻ اعلان ڪن ته هو عمران خان جي بيانئي کان الڳ ٿي رهيا آهن، ته پوءِ ڳالهه ٻولهه جا دروازا کلي سگهن ٿا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.