لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نديم افضل چن چيو آهي ته سرڪاري بيانيو ڪڏهن به اصلي بيانيو ناهي هوندو. لاهور ۾ انٽرنيشنل پنجابي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نديم افضل چن چيو ته نوجوان نسل دلير آهي، جڏهن عادل حڪمران ايندا ته اصل بيانيو بڻجي سگهندو. هن چيو ته سرڪاري بيانيو ڪڏهن به اصلي بيانو ناهي هوندو، هن وقت حڪمراني ڪندڙن جو بيانيو هڪ آهي، جڏهن ته عوام جو بيانيو ڪجهه ٻيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي زبان نٿا ڳالهايون ته اسان دلير ٿيڻ جو ڪهڙو حق رکون ٿا؟ هن چيو ته اسان دلير ناهيون رهيا، پنجابي دلير ناهن.