ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)جج جي پٽ کي فوتي نينگرين جي خاندانن پاران معاف ڪرڻ واري معاملي سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي، صحافي مبشر زيدي لکيو ته خاندانن جيڪڏهن جج جي نابالغ پٽ کي ٻن ڇوڪرين کي مارڻ جي واقعي ۾ معاف به ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن به جج کي نوڪري مان هٽائڻ گهرجي ڇو ته هن پنهنجو نابالغ پٽ گاڏي هلائڻ جي اجازت ڏني،صحافي مريم نواز لکيو ته شاهراهه دستور تي تابدنده بتول ۽ ثمرين کي گاڏي جي ٽڪر سان قتل ڪندڙ جسٽس آصف جي پٽ ابوذر خان کي چار ڏينهن جو ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،جج ميڊيا کي ڪيس جي ڪوريج ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو!ثمينه پاشا لکيو ته هي ملڪ رڳو طاقتور اشرافيه جو آهي، ڇاڪاڻتہ هتي قانون هڪڙو ئي آهي جهنگ جو قانون.جيڪو طاقتور آهي، اهو بچي ٿو،صحافي اويس يوسفزئي چيو ته "سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچڻ کان اڳ ئي معاملا طئي ڪيا ويا.،اسرار راجپوت لکيو ته اسلام آباد ۾ ٻن ڇوڪرين کي ڪار هيٺ اچي ڪچلڻ واري بااثر مُلزم کي بچائڻ لاءِ وفاقي پوليس جو ايس ايس پي صلح مشن تي مقرر ٿيل هوجناح گارڊن ۾ رهندڙ متاثر خاندان جي گهر وٽ ايس ايس پي ڪلاڪن تائين ويهي زبردستي صلح ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهندو رهيو،جج جي پٽ سان لينڊڪروزر ۾ گرل فرينڊ به گڏ هئي، عبدالواحد احسن لکيو ته رياست مدعي بڻجڻ سان گڏوگڏ جسٽس آصف، کي به انهيءَ ڪيس ۾ نامزد ڪري سگهي ٿي، ڇو ته هن هن سڄي معاملي ۾ پنهنجي قاتل پٽ کي بچائڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي،صحافي زاهد گشڪوري لکيو ته اڄ رياست طاقتور آڏو هارائي وئي،صحافي عامر ضيا لکيو ته رياست ناهي هارايو،اصل ۾ شهري هارائي ويا آهن، رياست جن جي آهي ۽ جن لاءِ آهي اها انهن جي خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف آهي،رياست تي اقليت جو قبضو آهي،آئين ۽ قانون سڀ انهن جا آهن،چوڌري شاهد محمود لکيو ته جج پهرين ڏينهن ئي متاثرن جي گهر پهچي کين آڇون ڪيون،خاندان غريب هئا، شايد انهن اهو ئي بهتر سمجهيو ته جيڪي بچيا آهن، انهن جو مستقبل ٺهي وڃي،انصاف ته وري به ملڻ وارو نه هو، ضمانت ملي وڃي ها ۽ ڪيس هلندو رهي ها، ۽ اهي غريب خاندان عدالت ۽ ڪورٽ جي چڪر ۾ ڪري پريشان ٿين ها،