پي ٽي آءِ جي فوج خلاف بيان بازي پاڪستان دشمني آهي:وفاقي سرڪار/اداري جي ترجمان جي لفظن تي مايوسي ٿي:پي ٽي آءِ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته منهنجي پنهنجي پارٽي به ماضي ۾ فوج تي کلي تنقيد ڪئي پر ڪڏهن به حد کان ڪراس نه ڪيو. تفصيل موجب دفاع واري وزيرخواجا  آصف چيو ته منهنجي پارٽي پي ٽي آءِ جي ابتڙ ڪڏهن به فوج تي تنقيد ڪرڻ وقت ريڊ لائن ڪراس ناهي ڪئي. فوج تي حد کان وڌيڪ تنقيدون، رياستي ادارن کي فعال طور تي ڪمزور ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ نه ته دهشتگردي خلاف جاري آپريشن جي حمايت ڪندا آهن نه ئي سيڪيورٽي اهلڪارن جي جنازن ۾ شرڪت ڪندا آهن، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا ميمبر دهشتگردي جي خلاف جنگ نٿا وڙهي سگهن ته پوءِ اهو سڀ ڪجهه اوهان کي ڇا ٻڌائين ٿا. خواجه آصف ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيڻ تي به پي ٽي آءِ اڳواڻن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهڙي طرح جا قدم انهي مضبوط ڌڪي جي ضمانت ڏين ٿا جنهن جو انهن کي هاڻ منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. خواجا آصف وڌيڪ الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا مهم هلائيندي آهي، ڇا پي ٽي آءِ ڪڏهن پنهنجي صفن مان آن لائن بدسلوڪي جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته هڪ شخص قومي سلامتي جي لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي. هن عمران خان تي اقتدار جي لاءِ سڀ يا ڪجهه نه هجڻ جو طريقو اختيار ڪرڻ جو الزام به لڳايو. هوڏانهن وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته اڃا تائين ڊي جي آءِ ايس پي آر نرمي اختيار ڪئي آهي، جيڪڏهن مان هجان ها ته ان کان وڌيڪ سخت لفظ استعمال ڪندو. هڪ بيان ۾ احسن اقبال چيو ته مون کي اُن ئي سيل ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ وڌو ويو، پر اسان ملڪ کان ٻاهر وڃي پاڪستان خلاف ڳالهائڻ کان پرهيز ڪيو. پاڪستان هڪ خاندان آهي، اسان ڪڏهن به پنهنجا جھڳڙن کي گهر کان ٻاهر وڃي حل نٿا ڪريون. هن چيو ته اسان سڀني کي ذميواري جو ثبوت ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن پاڪستان جي ادارن ۽ مسلح فوجن خلاف ڪو به زهر اوڳاڇيندو ته ان سان سختي سان جواب ڏيڻ گهرجي. اسان سڀني جي مينڊيٽ جو احترام ڪريون ٿا. ان کان پوءِ  هن چيو ته موجوده حالتن ۾ خيبر پختونخوا لاءِ سڀ کان وڏو چيلنج دهشتگردي آهي..  هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سياسي لانگ مارچ ٿيا، پر هاڻي اسان کي معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي.

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان سخت جواب نه ڏينداسين پر حقيقتون بيان ڪنداسين.  اسان تي الزام هنيا ويا آهن.26هين27هين ترميم کانپوءِ به اسان سمجهي رهيا هئاسين ته شايد بهتري ڏانهن وينداسين پر ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس ٿي جنهن مان سخت مايوسي ٿي. نامناسب لفظ استعمال ڪيا ويا،مرڪزي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته وڏي اداري جي آفيسر طرفان باني ۽ ڪي پي جي وڏي وزير خلاف اهڙا لفظ جمهوريت لاءِ بدقسمتي آهي. اسان جو دشمن هڪ ٻئي خلاف پريس ڪانفرنسن مان خوش ٿيندو ان لاءِ اسان تڪرار نه پيا ڪريون پر واضح ڪريون پيا، شايد ڪجهه ماڻهو وڙهائڻ چاهين ٿا،هن چيو ته  پنهنجي انا کي پاسي تي رکي هڪ ٻئي کي جاءِ ڏيڻي پوندي. اهڙي رويي سان جمهوريت کي نقصان ٿيندو، رويو تبديل ڪرڻو پوندو.  ڳالهين جو اختيار اچڪزئي ۽ علاما ناصر عباس وٽ آهي.سلمان اڪرم راجا چيو ته عمران خان کي سڪيورٽي خطرو چوڻ کل جوڳو آهي. اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو. 90ع جي ڏهاڪي ۾ ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ اسد دراني عدالت ۾ قسم نامو جمع ڪرايو هو ته اسان چاهيون پيا ته بينظير ڀٽو جي حڪومت نه هجي تنهن جي ڪري اسان اليڪشن ۾ مداخلت ڪئي. اسان نه پيا چاهيون ته پيپلزپارٽي جو وجود رهي. اسان فيصلو ڪري چڪا هئاسين ته بينظير ڀٽو نيشنل سڪيورٽي ٿريٽ آهي،هن چيو ته  ادارن اهڙا فيصلا وري وري ڪيا آهن ته مقبول اڳواڻ نيشنل سيڪيورٽي ٿريٽ آهي پر عوام جي دلين مان ان کي هٽائي نٿو سگهجي. اسان کي عوام دوست سياست کي هٿي ڏيڻي آهي ۽ عوام کي خبر آهي ته عوام دوست سياست ڪير ڪري ٿو. اڄ افغانستان بارڊر بند آهي، مجموعي طور تي خطو جبر جي فيصلن کي ڀوڳي رهيو آهي. اوهان جنگ کٽي ملڪ کي فلاح ڏانهن نه وٺي ويندئو. ڪو ملڪ ڪجهه بلين ڊالر ڏئي ٿو ته ڪروڙين نوجوانن کي نوڪريون نه ملنديون، معيشت نه اڀرندي. هن چيو ته ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس جو جواب ڏيڻ لاءِ نه ويٺا آهيون، اها افسوسناڪ پريس ڪانفرنس هئي، ڪو بيانيو ئي نه هو جنهن جو جواب ڏنو وڃي. اهو چونداسين ته پاڪستان جي عوام کي نه ڌڪاريو، عوام عمران خان سان گڏ آهي. عمران خان خطرو ناهي، هن ملڪ کي ڳنڍي رکيو آهي. عمران خان پاڪستان جي بيانيي سان گڏ آهي. اوهان کيس مائنس نٿا ڪري سگهو. اوهان ڪي پي تي حملو ڪيو ته پوءِ اوهان پاڻ حالتن جا ذميوار هوندا،هن چيو ته جمهوريت جو نالو وٺندڙ سياسي پارٽيون معتوب ٿيڻ کانپوءِ مغلوب ٿي چڪيون آهن، هو سياسي پارٽيون سر جهڪائي نوڪري ڪري رهيون آهن، عوام کي خبر آهي ته هڪ ئي شخص ۽ هڪ ئي پارٽي آهي جيڪا عوام جي ڳالهه ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي. اسان پريس ڪانفرنس کي سنجيدگي سان نه وٺنداسين ۽ اهو سمجهون ٿا ته هوش کان ڪم ورتو ويندو ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. سياسي ڪميٽي ٺاهي ويندي، اها پنهنجو ڪم ڪندي. اسد قيصر چيو ته جيڪي چون ٿا ته عمران خان سڪيورٽي رسڪ آهي ان جو نالو ڊهي ويندو ان جي مذمت ڪريون ٿا، عمران خان ملڪ جو هيرو آهي. سندس جدوجهد عوام جي حقيقي آزادي جي جدوجهد آهي، اسان جي صوبي ۾ ڪاوڙ گهڻي آهي، اوهان جا لفظ مناسب هجڻ گهرجن ها، مطالبو ڪريون ٿا ته اوهان لفظ واپس وٺو. صوبي جي بي عزتي ٿي آهي. فوج اسان جي آهي. اسان مضبوط ادارو چاهيون ٿا. ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ بدامني آهي، ڀارت سان ۽ افغانستان سان به حالتون ٺيڪ ناهن، سرحدون محفوظ ناهن،هن چيو ته اسان سول وار نٿا چاهيون. اسان کي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. اسان جمهوريت چاهيون ٿا. ٻن وزيرن چيو ته ملاقات نه ٿيندي، کين چوان ٿو ته چپ ڪريو، توهان ٽڪي جا ملازم آهيو، عوام ته توهان کي رد ڪيو هو. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ليڊرشپ کي آزاد ڪيو وڃي. ملڪ کي ڪيئن هلائڻو آهي، ان لاءِ قومي ڊائلاگ جي ضرورت آهي،هن چيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائيندي؟جلد قومي ڪانفرنس گهرائينداسين، قومي ڪانفرنس ۾ قومي ايجنڊا ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.