بنون (م ڊ) بنون ۾ ميرانشاهه روڊ تي دهشتگردن اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شاهه ولي، 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا. حملي کان پوءِ گاڏي کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو. پوليس موجب، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرانشاهه کان بنون وڃي رهيو هو. اهو واقعو ڪينٽ پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ پيش آيو. خيبر پختونخواه ۾ تازن مهينن ۾ دهشتگرد حملن ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي، خاص طور تي ٽي ٽي پي جنگ بندي جي خاتمي کان پوءِ، سيڪيورٽي اهلڪارن کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي.