سنڌ ۾ 35 هزار ارب لڳل نظر نٿا اچن\فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آرمي چيف اين ڊي يو  ۾ اختيارن جي ورڇ ۽اين ايف سي ايورڊ بابت جيڪا ڳالھه ڪئي آهي، جيڪڏهن اها صحيح آهي ته خوش آئند آهي،هن ٽوئيٽ ڪيو ته  اندازو لڳايو ته  سنڌ جو صوبو سترهن سالن کان پيپلز پارٽي جي قبضي ۾ آهي، انهي عرصي دوران پيپلز پارٽي سنڌ تي 35 هزار ارب روپيا خرچ ڪيا آهن. ڇا سنڌ جون حالتون اوهان کي 35 هزار ارب جي خرچ جي مطابق نظر اچن ٿيون؟ بلوچستان رڳو ڏهن سالن ۾ هزار ارب روپيا خرچ ڪيو آهي، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي خرچن جو اندازو ان کان به گهڻو آهي. انهن صوبن ۾ انتظامي ۽ معاشي بحران آهي، ۽ ملڪ جا سڀ ماڻهو، بشمول فوج، ان بابت فڪرمند ٿيڻ جائز آهي،هن چيو ته ان جو حل مالي ۽ انتظامي اختيارن جي ضلعي سطح تي ورڇ ۾ آهي. جنرل اشفاق غني ڪياني پرويز مشرف جي آندل مقامي حڪومتن جو نظام آصف زرداري سان گڏجي ختم ڪيو، جيڪو پاڪستان سان ظلم هو. اڄ انهي غلطي کي درست ڪرڻ جو وقت آهي. اميد آهي ته انهن سڌارن تي ڪم ٿيندو ۽ اختيارن جي ورڇ مقرر ڪئي ويندي،هن چيو ته  ملڪ کي جمهوري سياسي پارٽين جي ضرورت آهي، نه ته ٻن خاندانن ۾ وسيلن جي ورهاست تي ٻڌل نظام جي، جيڪو پاڪستان جو مستقبل بچائي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.