ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ سرڪار حيدرآباد سميت صوبي جي مختلف شھرن ۾ ڪرڪيٽ جي سرگرمين کي ھٿي ڏيڻ جي حامي آھي، سنڌ حڪومت اڳواٽ ئي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪيترائي خط لکي چُڪي آھي ۽ نياز اسٽيڊيم ۾ ميچون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان پنھنجو موقف واضح ڪري چُڪي آھي. سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ ڳالھائيندي هن چيو ته حيدرآباد اسٽيڊيم جي پنھنجي سُڃاڻپ آھي ۽ ماضي ۾ ھتي ميچز ٿي چُڪيو آھين، سندس چوڻ ھو ته ھر ضلع ۾ معياري اسٽيڊيم ھجڻ گھرجي سکر ۾ نئين اسٽيڊيم جو ڪم مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ھن چيو ته حڪومت چاھي ٿي ته سکر ۾ به باقاعده ميچز ڪرايون وڃن. اجلاس دوران لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي عام موڪل جي حوالي سان ٺھراءَ جي شرجيل ميمڻ مخالفت ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت اُن حوالي سان پاڻ وفاق کي خط لکندي. ھن چيو ته لياقت علي خان پوري قوم جو رھنما ھو ۽ ان بابت فيصلو وفاقي سطح تي ٿيڻ گھرجي. سندس چوڻ ھو ته ايم ڪيو ايم وفاق ۾ موجود آھي، اُن لاءِ ھي معاملو قومي اسيمبلي يا ڪابينا ۾ اُٿاري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لياقت علي خان جي ورسي تي عام موڪل جي حوالي سان ايم ڪيو ايم ٺھراءَ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري، سنڌ حڪومت اُن جي حمايت ڪندي.