حسيب جمالي جي ڪاميابي سجاڳي جو ثبوت آهي:مرتضي جتوئي

 نوشھروفيروز  ( رپورٽ : ايم ظفرتڳر ) اين پي پي سربراهه غلام مرتضي  جتوئي 26هين ترميم تي چيو هو 27 هين ايندي جنهن ۾ گهڻا مسئلا  اٿاريا ويندا ڪٿي نه ڪٿي ڪا پلاننگ آھي. ڪي  عنصر ڳالهيون حل ڪرائڻ چاهين  ٿا جن ۾  اين ايف سين، نون صوبن ۽ ٻيو گهڻو ڪجھه آھي،هاڻي ڪوشش ھوندي 28 هين ترميم ۾ سڀ حل ڪجن ته پوءِ  29 هين ترميم جي ضرورت نه پوندي. وڪيلن ۽ قانوندانن جو چوڻ آھي ته نئين عهدي لاءِ نوٽيفيڪيشن جي ضرورت آھي. ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اٺن ڪيسن جي ٻڌڻي 17، 18 ۽ 19ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي، وڪيل اڳواڻ حسيب جمالي جي ڪاميابي مان پتو پيو ته سنڌ جا ماڻهو سڄاڳ ٿي ويا آھن . نوشهروفيروز ۾ ڪيترائي نوان محل ڏسان پيو پر اسان ته پنهنجو بنگلو به مرمت نه ڪرائي سگهيا آھيون، سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي  ڏھاڙو ملهائڻ ساراهه جوڳو عمل آھي،

You might also like