حسيب جمالي جي ڪاميابي سجاڳي جو ثبوت آهي\غلام مرتضي جتوئي

 نوشھروفيروز  ( رپورٽ : ايم ظفرتڳر ) اين پي پي سربراهه غلام مرتضي  جتوئي 26هين ترميم تي چيو هو 27 هين ايندي جنهن ۾ گهڻا مسئلا  اٿاريا ويندا ڪٿي نه ڪٿي ڪا پلاننگ آھي. ڪي  عنصر ڳالهيون حل ڪرائڻ چاهين  ٿا جن ۾  اين ايف سين، نون صوبن ۽ ٻيو گهڻو ڪجھه آھي،هاڻي ڪوشش ھوندي 28 هين ترميم ۾ سڀ حل ڪجن ته پوءِ  29 هين ترميم جي ضرورت نه پوندي. وڪيلن ۽ قانوندانن جو چوڻ آھي ته نئين عهدي لاءِ نوٽيفيڪيشن جي ضرورت آھي. ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اٺن ڪيسن جي ٻڌڻي 17، 18 ۽ 19ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي، وڪيل اڳواڻ حسيب جمالي جي ڪاميابي مان پتو پيو ته سنڌ جا ماڻهو سڄاڳ ٿي ويا آھن . نوشهروفيروز ۾ ڪيترائي نوان محل ڏسان پيو پر اسان ته پنهنجو بنگلو به مرمت نه ڪرائي سگهيا آھيون، سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي  ڏھاڙو ملهائڻ ساراهه جوڳو عمل آھي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.