سيف سٽي رٿا محفوظ ڪراچي لاءِ آهي\وڏو وزير

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سيف سٽي پروجيڪٽ ڪراچي کي جديد ٽيڪنالاجي بُنياد تي هڪ محفوظ شهر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ جامع وڊيو نگراني شامل آهي ۽ ساڳئي وقت هن ٻڌايو ته ڪَچّي جي علائقي ۾ ڪيل ڪارروائين دوران 71 ڏُوهارين هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا آهن۔ وڏي وزير هي ڳالهه 52هين اسپيشلائيزد ڊيليگيٽس جي 47هين ابتدائي ڪمانڊ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪئي جن جي اڳواڻي نائب ڪمانڊنٽ (NPA) مسٽر سرفراز احمد فالڪي، پي ايس پي ڪري رهيا هئا وڏي وزير چيو ته هي جامع حڪمت عملي سنڌ ۾ عوامي تحفظ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انفراسٽرڪچر، ٽيڪنالاجي ۽ فلاح جي سڌارن وسيلي سرڪاري عزم کي ظاهر ڪري ٿي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.