لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۾ موت مار کليل گٽر اٺن ورهين جي نينگري کان حياتي کسي ورتي، رپورٽن موجب شهر جي او پي ايف ڪالوني ۾ راند کيڏڻ دوران 8 ورهين جي معصوم نينگري بختاور ڌيءَ خميسو عمراڻي کليل گٽر ۾ ڪِري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود انتظاميا نينگري جو لاش يا جيئري نه ڪڍي سگهي هئي، ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي هلندڙ وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تقريبن پنج ڪلاڪ گذري ويا پر وارث عورتون ۽ مرد معصوم ٻارڙي کي جيئري يا لاش ڪڍڻ لاءِ دانهون ڪندا رهيا، معصوم ٻارڙي جي امڙ جي دانهن تي علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي، هر ماڻهو روئڻهارڪو نظر آيو، سوشل ميڊيا ۽ ذريعن موجب پنج ڪلاڪن کانپوءِ مقامي ڀنگين اچي ٻارڙي جولاش ڪڍيو، انتظاميا ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود ٻارڙي جو لاش هٿ نه ڪري سگهي، صرف بيان جاري ڪيا ويا، ان موقعي تي کليل گٽر ۾ ڪِري فوت ٿي ويل نينگري جي وارث عورتن ۽ مردن اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي ٻڌايو ته اسان جي نينگري راند کيڏي رهي هئي جتي کليل گٽر ۾ هوءَ ڪِري فوت ٿي وئي، هنن چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن کي هر سال اربين روپين جي بجيٽ ملندي آهي پر ان جي باوجود کليل گٽرن کي ڍڪ لڳي نه سگهيا آهن جنهن ڪري اهڙو واقعو پيش آيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته کليل گٽرن کي ڍڪ ڏئي معصوم ٻارڙن ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بڻايو وڃي، ٻارڙي جي والدين ۽ پاڙي واسين انتظاميا مٿان شديد غفلت جو الزام هنيو، سندن چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا گندي نالي جي ڍڪ تان هٿرادو پٿر ۽ ڪاٺيون هيل هئا، پر ڪنهن به کاتو انهن کي درست ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيو،علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ته جيئن ٻيهر اهڙا واقعا پيش نه اچي سگهن.