اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 9 مئي سميت ٻين ڪيسن ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني جي خلاف 9 مئي ۽ ٻين 5 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عمران خان جي غير موجودگي سبب ضمانت تي درخواستن تي دليل نه ٿي سگهيا جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي ۾ پي ٽي آءِ باني کي عدالت ۾ يا وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ٻڌڻي کان پوءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت کان اڳ گرفتاري ۾ واڌ ڪندي ٻنهي کي 23 ڊسمبر تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ عدالت ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.