اڊيالا جيل آڏو پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو عليمه خان جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو

راولپنڊي(م ڊ) باني پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته جيستائين ملاقات نه ڪرائي ويندي، اسان هتي ئي ويٺا رهنداسين. جيڪڏهن اسان کي گرفتار ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪري وٺو، اسان نٿا ڊڄون. راولپنڊي جي گورک پور ناڪي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته اسان ڊرامو ڪري رهيا آهيون، ٺيڪ آهي، ڇا ڊرامي لاءِ ايتري پوليس هتي موجود آهي؟ هن چيو ته گذريل اڱاري منهنجي ڀيڻ کي روڊ تي ڇو گهليو ويو؟ جيڪڏهن اهي اسان کي گرفتار ڪرڻ چاهين ٿا ته ڪري وٺن، اسان نٿا ڊڄون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.