آءِ ايم ايف ناڪامين جي ذميوار رڳو پاڪستان ئي ڇو ٿي ڪري:نديم الحق

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)معاشي ماهر  ڊاڪٽر نديم الحق موجود چيو آهي ته آءِ ايم ايف ڪجهه سالن کان گورننس رپورٽون ٺاهي رهي آهي. ڪيترن ملڪن تي اهڙيون رپورٽون ٿي چڪيون آهن،سري لنڪا، آفريڪا وغيره. رپورٽ ۾ لکيل آهي ته پاڪستان حڪومت پاڻ آءِ ايم ايف کان اها رپورٽ گهرائي،هن چيو ته اهي رپورٽون اصل ۾ وزيرن لاءِ هجن ٿيونجيئن ’ليٽر آف انٽينٽ‘ آءِ ايم ايف پاڻ لکي ڏيندو هئي ۽ وزير رڳو سائن ڪندا هئا.پر هن رپورٽ ۾ ڪجهه ڳالهيون مسئلي واريون آهن. مثال طور 5.3ٽريلين رپيا ڪرپشن جي رڪورين جو ذڪر ڪٿي به نيب وٽ ناهي، نه حڪومت وٽ. آءِ ايم ايف کي   اهڙا انگ اکر بس لڳائي ڏيڻ نه گهرجن،هن چيو ته ڪوڙن انگن تي پاليسي نٿي ٺهي.ان کان سواءِ پاڪستان ۾ ٽيڪس ريفارمز لاءِ عالمي بئنڪن جا پروجيڪٽ 15–20 سالن کان هلن پيا، جن تي اربين ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن. پوءِ آءِ ايم ايف انهن ناڪامين جو ذميوار صرف پاڪستان کي ڇو ڪري؟ انهن جي پنهنجي پاليسين جون به غلطيون آهن. مثال طور انرجي سيڪٽر جو بحران عالمي بئنڪ جي پاليسي تي ٺهيل آهي،هن چيو ته ڪرپشن اصل ۾ خراب گورننس جو نتيجو آهي. جتي ميرٽ نه هجي، اتان ڪرپشن کي روڪي ئي نٿو سگهجي.اسان وٽ ميرٽ  جو نالو ئي ناهي، سياست، نوڪرين، عدليه، هر جڳهه  تي سفارش ۽ سياسي دٻاءُ هلي ٿو،هن چيو ته ڪيترن ئي  سالن کان منهنجا ڪيس عدالتن ۾ پيل آهن، جج ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهن. جڊيشري انهيءَ حالت ۾ هجي ته ملڪ ۾ انصاف ۽ گورننس ڪيئن ايندي،هن چيو ته ڪامپيٽيشن ڪميشن جهڙاادارا ورلڊ بئنڪ جي زور تي ٺهيا. بغير سوچڻ سمجهڻ جي اسان تي ادارا مڙهايا ويا پوءِ هلندا ڪيئن؟هن چيو ته اسان کي ضرورت ئي ناهي اهڙن ريگيوليٽرز جي. جيڪڏهن معاشي سرحدون کوليون، کلي مقابلو ٿيندو، ته مارڪيٽ پاڻ کي درست ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.