ميرپور ساڪرو (ن ع آ) گرلس ھاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو جي ھندو نياڻين جو ھيڊ ماسترياڻي تي مبينا الزام وارو معامرو صوبائي وزير تعليم سنڌ سردار شاھ جي نوٽيس بعد تعليم کاتي جي عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڊائريڪٽر آفيس حيدرآباد جي آفيس مان نعمان صديقي، فاروق جوڻيجو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي پنج رڪني انڪوائري ڪاميٽي جي چئيرمين گل حسن اوڍو گرلس ھاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو پھچي انڪوائري شروع ڪئي، هندو نياڻين کان بيان ورتا ويا سندن وارثن ھيڊ ماسترياڻي ۽ اسڪول جي ٻين استادياڻين جا پڻ بيان رڪارڊ ڪيا ويا، ھندو نياڻين وشيتا سانوڻ مھيشوري توڙي ايڇ ايم گلناز جوکيو جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا، جاچ ڪاميٽي جي ميمبرن جو چوڻ هو ته انڪوائري ڪئي آهي اسان آفيس وڃي لکت ۾ ڏنل بيان پڙھي فيصلو ڪنداسين سموريون چيزون ڪلير ٿي وينديون عارضي طور تي چارج ھيڊ ماسترياڻي کان ڇڏرائي وئي آهي، سيد سردار شاهه کي رپورٽ موڪلنداسين، نياڻيون اسڪول اچن سمورا معاملا مٿي تائين پھتل آهن ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي ويندي، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل هيڊماسترياڻي گلناز جوکيو اسڪول ۾ قرآن پاڪ تي هٿ رکندي چيو ته هن قرآن پاڪ تي هٿ رکي چوان ٿي ته منهنجي مستقبل تي نه منهنجي عزت نفس تي وار ٿيو آهي، سڀ مسلمان آهيون، ڪير به ڪنهن کي زبردستي مذهب ۾ داخل نٿو ڪري سگهي، اسان جو دين امن گهوارو آهي، مون صرف ۽ صرف ٻارڙين کي پڙهايو آهي، ان ۾ ڪا به اقليت جي يا مذهب جي ڳالهه ناهي، مان ذليل ٿي رهي آهيان، مان غلط ناهيان، جيڪڏهن غلط ثابت ٿيان ته جيڪا چور جي سزا اها منهنجي سزا هوندي، جيڪڏهن هو غلط ثابت ٿين ته انهن کي سزا ڏني وڃي.