ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) صحافي عليفيه سهيل ڪراچي پريس ڪلب ۾ 27هين ترميم جي خلاف احتجاج جي ڪوريج ڪرڻ بعد اوچتو لاپتا ٿي وئي آهي،اکين ڏٺن شاهدن موجب گذريل ڏينهن عليفيه 4 کان 5 وڳي جي وچ ۾ وڪيلن جي احتجاج جي ڪوريج ڪئي، جڏهنته 5:25 وڳي سندس آخري پيغام وصول ٿيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته کيس "گرفتار” ڪيو پيو وڃي۔ ان کان پوءِ سندس فون بند ٿي ويو ۽ سندس ڪا به خبر نه ملي سگهي۔عليفيه سهيل ڪيترن سالن کان سول سوسائٽي جي احتجاجن، جبري گمشدگين جي ڪيسن ۽ ڪراچي ۾ بي واءِ سي جي سرگرمين جي باقاعده ڪوريج ڪندي رهي آهي۔ صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته سندس گرفتاري يا گمشدگي صحافتي آزاديءَ تي سخت حملو آهي۔