حڪومت منٿون ڪري آءِ ايم ايف رپورٽ مان حساس انڪشاف ڪڍرايا؟

لاهور(شهباز راڻا)ناڻي وزارت آءِ ايم ايف آڏو باقاعده هٿ ٻڌا،منٿون ڪري رپورٽ مان اڌ کان وڌيڪ حساس انڪشاف ڪڍرائي ڇڏيا،پوءِ به جيڪو ڪجه پبلڪ ٿيو آهي ان پوري ملڪ ۾ هنگامو کڙو ڪري ڇڏيو آهي،سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جڏهن ڪڍيل شيون ئي ايتريون خطرناڪ هيون ته اصل رپورٽ ۾ ڇا ڇا نه لکيل هوندو،جڏهن ته پاڪستان جي نظام جي عڪاسي ڪندڙ آءِ ايم ايف جي ان رپورٽ بابت حڪومت وٽ ٻه رايا هئا ته اها رپورٽ عام ڪرڻ گهرجي يا نه؟اڪثريت جي راءِ هئي ته ان کي منظرعام تي نه آندو وڃي پر  مسئلو اهو هو ته حڪومت آءِ ايم ايف کي واعدو ڪري چڪي هئي ته اها رپورٽ پبلڪ ڪئي ويندي،رپورٽ ۾ ڊالرن جي برسات ۽ سيڙپڪاري جي دعوائن جي به نفي ڪئي وئي آهي،پاڪستان ۾ ڪو به ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،ڇو ته هتي پئسا ڏئي ڪيس ٺاهرائي ۽ ختم ڪرائي سگهجن ٿا،عدل جو نظام مڪمل طور تي کوکلو ۽ ناقابل ڀروسو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.