ڪارپوريٽ جاگيردار عوام کي وڌيڪ غلام پيا بڻائن،هارين کي حق ڏينداسين:حافظ نعيم

لاهور(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمن چيو آهي ته جاگيردارن ۽ وڏيرن کي مٿي ويهاري تبديلي جو نعرو نٿو هڻي سگھجي. پهريان فقط جاگيردار هوندا هئا، هاڻي ڪارپوريٽ  جاگيردار آهن، جيڪي عوام کي وڌيڪ غلام بڻائي رهيا آهن. جاگيردارن ۽ وڏيرن کي ڪارپوريٽ سسٽم مان ڪڍي، هارين کي انهن جي محنت جو پورو حق ڏنو ويندو.گريٽر اقبال پارڪ، مينارِ پاڪستان لاهور ۾ اجتماعِ عام جي ٻئي ڏينهن پهرين سيشن کي خطاب ڪندي ھن چيو ته بدقسمتي سان اسان جا حڪمران آمريڪا کان ڊڄن ٿا جيڪڏهن حڪمران الله جي حاڪميت مڃين ها ته 27هين ترميم پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪئي وڃي ها. اسان جي ملڪ جا حڪمران عوام کان ڊڄي اهڙيون ترميمون پاس ڪرائن ٿا، جن سان هو وڌيڪ ظلم ڪري سگهن ۽ ڪو به کين پڪڙي نه سگهي. هن  چيو ته آئين ۽ دستور مطابق سڀني لاءِ هڪجهڙو تعليمي نظام هجڻ گهرجي، مزدورن کي انهن جا حق ڏنا ويندا، عورتن کي سندن بنيادي حق ملندا. جڏهن ته اسان جا حڪمران انگريزن جي ٺاهيل نظام مطابق حڪمراني ڪري رهيا آهن، جاگيردار ۽ وڏيرا اڳ فقط زمينن تي قبضو ڪندا هئا، هاڻي اهي سماج تي قبضو ڪرڻ لاءِ اٽو ۽ کنڊ مافيا بڻجي عوام کي دٻائي رهيا آهن.حافظ نعيم الرحمن چيو ته ڀٽو ۽ عمران خان جاگيردارن خلاف نعرو هنيو هو، پر ساڳيا ماڻهو پنهنجي مٿي تي ويهاريا. جاگيردارن ۽ وڏيرن کي مٿي ويهاري تبديلي نٿي اچي. هن  چيو ته آئين جي آرٽيڪل 140-اي تحت سڀني اختيارن کي ھيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ ۽ مالي ۽ انتظامي وسيلن جي فراهمي ضروري آهي. پنجاب جي ظالماڻي بلدياتي ايڪٽ کي ڪنهن صورت قبول نه ڪيو ويندو، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري وڏو جاگيردار آهي ۽ وڏو جمهوريت پسند بڻجي ٿو. بلاول ڀٽو ٻڌائي ته سنڌ جي هارين کي انهن جا حق ڇو نٿو ڏئي، سنڌ جي ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم ڇو نٿو ڏئي، عورتن کي سندن حق ڇو نٿو ڏئي.سنڌ ۾ سرمائيداراڻي ذهنيت ۽ ظلم جي نظام جي خاتمي لاءِ به "بدل دو نظام” تحريڪ هلائڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.