اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ بعد هاڻي پائيدار اقتصادي ترقي جي راهه تي اڳتي وڌي رهيو آهي، پر ملڪ کي آبادي جي تيزيءَ سان واڌ ۽ موسمياتي تبديلين جهڙن ٻه وڏن وجودي خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.هي ڳالهه هن پاپوليشن ڪائونسل جي اهتمام هيٺ “ڊسٽرڪٽ ولنرئبيلٽي انڊيڪس آف پاڪستان” جي اجرا تقريب ۾ خطاب دوران ڪئي،هن چيو ته ته پاڪستان ۾ آبادي جي واڌ جو ريٽ لڳ ڀڳ 2.5 سيڪڙو آهي، جيڪو تمام گهڻو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن آبادي اهڙي رفتار سان وڌندي رهي ته پوءِ مجموعي قومي پيداوار ۾ ٿيندڙ واڌ جو اثر بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو، ۽ هي طرزِ ترقي پائيدار ناهي.هن زور ڀريو ته ملڪ کي آبادي جي لحاظ سان وسيلن جي منصفاڻي ۽ مناسب ورهاست جو نئون نظام ٺاهڻو پوندو.هن چيو ته ٻار ملڪ جو مستقبل آهن، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڪستان ۾ 40 فيصد ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار آهن، جڏهن ته 50 فيصد ڇوڪريون اسڪول کان ٻاهر آهن،