مارشل لا شرابي هجي يا نمازي،نتيجا ساڳيا نڪرن ٿا:لياقت بلوچ

لاهور (بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير ۽ ناظم اجتماع عام لياقت بلوچ چيو آهي ته اسان جو اجتماع ظلم ۽ جبر جي موجوده نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ آهي. آئين کي ٻارن جي راند ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ ذاتي مفاد پرست پنهنجي مرضي سان ان ۾ تبديليون ڪري رهيا آهن.اسين ملڪ ۾ آئين جي خلاف ورزي ڪندڙ جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام کي تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ملڪ ۾ ڪرپشن پکڙجي چڪي آهي ۽ انتشار وڌي رهيو آهي. بگڙجندڙ صورتحال قومي سلامتي لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي. ماڻهن ۾ پريشاني ۽ مايوسي آهي. ماڻهن کي همٿائڻ ۽ انهن کي مايوسي مان ڪڍڻ ضروري ٿي ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن مينار پاڪستان اجتماع عام جي جڳهه تي هڪ  پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 21 کان 23 نومبر تائين مينار پاڪستان جي تاريخي اجتماع واري هنڌ تي ٿيندڙ عوامي اجتماع هڪ نئين تاريخ ٺاهيندو ۽ ايندڙ مرحلن لاءِ هڪ مضبوط جدوجهد جو استعارو بڻجي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ لياقت بلوچ چيو ته مارشل لا شرابي هجي يا نمازي، نتيجا ساڳيا آهن. استعيفيٰ ۽ گرفتاريون اسان جي تاريخ جو حصو آهن. اسان هميشه قومي مفاد ۽ قومي سلامتي کي ترجيح ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.