ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي گڏاپ دمبا ڳوٺ ۾ ڪار ۽ اسڪوٽر ۾ ٽڪر سبب هڪ عورت فوت ۽ ٻي زخمي ٿي پئي. پوليس موجب سپر هاءِ وي تي گڏاپ دمبا ڳوٺ ويجهو هڪ تيز رفتار ڪار اسڪوٽر تي سوار ٻن عورتن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي نديءَ ۾ ڪري پيون. حادثي ۾ فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ ثمرا ۽ زخمي رابعا جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، ٻئي سئوٽ هيون ۽ بهادر آباد ۾ هڪ ڪوچنگ سينٽر ۾ استاد طور ڪم ڪنديون هيون. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري گاڏي کي تحويل ۾ ورتو، جڏهن ته رپورٽ موجب ڪار جي ڊرائيور وٽ لائسنس موجود آهي ۽ هو تعميراتي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهي.