حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن تي ڪوڙن ڪيسن تي ورلڊ سنڌي ڪانگريس، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر زين شاهه، حقوق خلق پارٽي جي چيئرمين فاروق طارق، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل قاضي امداد، بلوچستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين راحب خان بليدي، ٿرپاڪر بار ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن، دادو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن قمبر شهداد ڪوٽ، ميهڙ بار، طرفان سخت لفظن ۾ مذمت.حقوق خلق پارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي سيڪريٽري جنرل فاروق طارق چيو ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس واپس نه ورتا ويا ته سموري پنجاب ۾ مظاهرا ڪنداسين. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر زين شاھ چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار جي نشي ۾ نياڻين تي ڪيس داخل ڪيا آهن. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي چيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون سميت عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي 500 ڪارڪنن تي سنڌ حڪومت طرفان داخل ڪيل ايف آئي آر جي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان مذمت ٿي ڪري. ورلڊ سنڌي ڪانگريس چيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سخت مذمت ڪيون ٿا. بلوچستان بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين راحب خان بليدي هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ بار دادو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ٿرپارڪر ، نامياري شاعر مير حسن آريسر، جامي چانڊيو، روشني پبليڪشن جي سربراہ هالار نواز، نوجوان ليکڪ ادريس لغاري ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ٻين وڪيلن، سياسي سماجي اڳوڻن اديبن، شاعرن طرفان به عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻن مٿان پيپلزپارٽي سرڪار جي داخل ڪيل ڪوڙن ڪيسن جي مذمت، ٻئي پاسي جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي وائيس چيئرمين ڀائو دودوديشي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪوڙن ڪيسن سخت مذمت ڪريون ٿا،