28هين ترميم:اين ايف سي ۾ پنجاب جي حصي مان ڪٽوتي ؟

اسلام آباد( شڪيل ملڪ ) 26هين ۽ 27هين کان پوءِ هاڻي 28هين ترميم به تيار ٿي وئي آهي،28هين ترميم ۾ سڀ کان وڏو قدم اين ايف سي ايوارڊ  ۾ تبديلي آهي،سوال اهو آهي ته بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ چيو هو ته ڪير به اين ايف سي ايوارڊ خلاف ترميم نٿو ڪري سگهي،ڪنهن جو پيءُ به 18هين ترميم کي نٿو ڇيڙي سگهي،پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي؟اصل ڳالهه اها آهي ته  پيپلز پارٽي هن وقت مڪمل طور آن بورڊ آهي۔۽ هن ترميم کي يا ته دسمبر ۾ پيش ڪيو ويندو،يا ايندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ پاس ڪيو ويندو۔ پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ان ترميم تي اتفاق راءِ ڪري چڪيون آهن۔اين ايف سي ۾ سنڌ،بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جو شيئر به برقرار رهندو ذريعن موجب پنجاب جي حصي مان لڳ ڀڳ ٻه سيڪڙو ڪٽوتي ٿيندي،وفاق پنهنجي حصي مان هڪ سيڪڙو ڇڏيندو، اهو ٽي سيڪڙو دفاعي بجيٽ ۾ واڌ،ڪي پي  ۽ بلوچستان ۾ دهشت گردي خلاف جنگ لاءِ فنڊنگ ۾ ڏنو ويندوپيپلز پارٽي ۽ ٻين صوبن کي اصل ۾ ڪو اعتراض ناهي، ڇو ته سندن حصو برقرار رهندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.