حيدرآباد (رپورٽر) لطيف آباد ۾ فيڪٽري اندر خوفناڪ ڌماڪي ۽ باهه لڳڻ سبب 7 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جڏهن ته واقعي جو ڪيس لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او نياز احمد جي فرياد تي فيڪٽري مالڪ اسد يوسفزئي، ۽ سندس پارٽنر راشد خان، دلشاد خان، ارشد ۽ شڪيل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پر اڃا تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. حادثي ۾ شديد سڙيل ٻن زخمين کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين زخمين جو سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج جاري آهي. فوت ٿيلن مان 5 پورهيتن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ڇو ته اهي مڪمل طور تي سڙي ويا هئا. انتظاميا موجب فيڪٽري غير قانوني طور هلي رهي هئي، جنهن کان پوءِ ڊي سي حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ڦٽاڪا ٺاهڻ واريون فيڪٽريون ۽ ايل پي جي دڪان بند ڪرائڻ لاءِ 6 رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد حسين ٻڌايو ته زخمين لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، سڀئي ڊاڪٽر، نرسون ۽ اسٽاف ٿوري ئي وقت ۾ طلب ڪيا ويا. 100 سيڪڙو سڙيل شيراز ۽ 90 سيڪڙو سڙيل نعيم کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 95 سيڪڙو سڙيل وقاص کي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو آهي. ٻئي طرف ضلعي انتظاميا ۽ سول ڊفينس ٽيمن شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون شروع ڪري ڏنيون آهن، لياقت ڪالوني ۾ ڇاپي دوران آتشبازي جو وڏو سامان هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته ذميوار ماڻهو فرار ٿي ويا.