ڪراچي : سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھ چيو آھي ته آڪاش انصاري جي شاعري قوم پرست به پڙھندا ھئا پر حيدر آباد ۾ سنڌين جو قتل عام ڪرائي الطاف حسين به آڪاش انصاري جي شاعري جو ترجمو پڙھندو ھئو ، آڪاش انصاري جو الميو سڄي سنڌ جي قومي ڪارڪن جو الميو آھي. ھن اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي ٻئي ڏينھن ڊاڪٽر آڪاش انصاري بابت سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، ھن سيشن کي آڪاش انصاري جي ڌيء ميران آڪاش ، فقير ذوالفقار علي به خطاب ڪيو، سيشن جو ميزبان سيف سميجو ھئو. سردار شاھ وڌيڪ چيو ته مون لئه اھو مشڪل ھوندو آھي ته سڀ کان نفرت ڪندڙ ۽ سڀ کان محبت ڪندڙ ماڻھن تي ڳالھائي نه سگھندو آھيان. آڪاش انصاري کي پنھنجي مٽيء سان محبت ھئي سندس شاعري موھن جو دڙو جو رقص آھي ،ھو ھڪ مذھبي گھراڻي ۾ پيدا ٿيو مذھبي خطيب ھئو پر سندس سياسي استاد رسول بخش پليجو آھي ، سندس پوري شاعري انسانيت ۽ مزاحمت جي شاعري آھي ، مزاحمت سماج کي تبديل ڪرڻ لئه ٿيندي آھي ، مزاحمتي ماڻھو مولوي واري جنت کان پھرين دوزخ جھڙي دنيا کي تبديل ڪرڻ چاھيندو آھي. آڪاش جي امڙ شاھ لطيف جي حافظا ھئي ، ھو ھڪ موسيقار به ھئو پنھنجي شاعري جون ڌنون پاڻ ٺاهيندو ھئو. ون يونٽ کان بعد سنڌي شاعري ۾ وڏي اڀار آئي ان ۾ شيخ اياز کان پوءِ آڪاش انصاري پنھنجي جاءِ ٺاھي ،ھن چيو ته سندس شعر اسان بس رھياسين تي تنقيد اجائي آھي ،ھر تخليق ڪار زندگي جي ھڪ اسٽيج تي پنھنجو اعتراف ڪندو آھي. سردار شاھ وڌيڪ چيو ته آڪاش کي سنڌ ۾ محبت ملي ، ھو زندگي کان مايوس نه ھو .