ڌاڳي ڦيڻي واري پي ٽي آءِ حڪومت وائکي ٿي وئي:مريم نواز

لنڊن(عوامي آواز رپورٽ)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته  مون کي شهيد بينظير ڀٽو لاءِ بي حد احترام آهي پر نوازشريف جي ڌيءُ طور پاڻ کي قابل فخر سمجهان ٿي،مان مريم نواز آهيان اها ئي منهنجي سڃاڻپ آهي،فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير کي وڌيڪ عهدا ڏيڻ جي آجيان ڪريان ٿي،جنرل عاصم منير هندستان خلاف جنگ ۾ ڪاميابي کانپوءِ انهن عهدن جو حقدار هو،ٻيو ڪير به نه هو،هن جي ڪري پاڪستان کي دنيا ۾ عزت ملي آهي،هن چيو ته ججن استعيفائون ڏنيون آهن پر انهن جو ضمير پهرين ڇو نه جاڳيو؟ جڏهن نوازشريف ۽ مون کي غلط سزائون مليون،انهن جو انصاف لاءِ نه پر سياسي ضمير جاڳيو آهي،هن چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي بابت اڪنامسٽ جي اسٽوري هاڻي کليل راز آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.