اسلام آباد(بيورو)پ پ ايم اين اي شازيا مري ٽوئيٽ ڪيو آهي ته اينڪر شاھزَيب خانزادا سان ٿيل رويو هڪ انتهائي پريشان ڪندڙ رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي خاموشي اختيار ڪري سگهجي،هن چيو ته هي رڳو ڪنهن هڪ شخص يا هڪ صحافي جو مسئلو ناهي، هي ان سوچ ۽ ذهنيت جو مسئلو آهي، جنهن کي ڪجهه سياسي حلقن طرفان وڌايو پيو وڃي۔اهڙي روئي ۽ اهڙي سوچ کيهر سطح تي، هر جاءِ تي، واضح طور رد ڪرڻ ضروري آهي۔
-
شاهزيب خانزاده کي هراسان ڪندڙ جي نشاندهي ڪئي وڃي:عطا تارڙ
اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته سينئر صحافي شاهزيب خانزاده کي هراسان ڪرڻ واري شخص جي نشاندهي ڪئي وڃي،اهو رويو مذمت جوڳو آهي،اهڙو رويو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي،هن چيو ته ٻاهرين ملڪ ويٺل پاڪستاني اظهار راءِ جي آزادي جي اوٽ ۾ ماڻهن کي هراسان ڪري رهيا آهن،انهن جا پنهنجا ٻار ٻاهرين ملڪ آهن.