سنڌ جا وڪيل آمريت خلاف مزاحمت پيا ڪن:عوامي جمهوري پارٽي

ڪراچي (پ ر) عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي اجلاس پارٽي جي صدر نور نبي راهوجو جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿي گذريو.اجلاس کي نور نبي راهوجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو باشعور وڪيل هن دور ۾ پنهنجي بار ڪائونسلن جي معرفت سنڌ دوست آواز بڻجي اُڀري رهيو آهي جنهن کي دٻائڻ لاءِ آمريت جي ياد تازي ڪئي وئي آهي اهو ئي سبب آهي جو سکر بار ۾ ٿيندڙ وڪيلن جي ڪنوينشن تي پنهنجي پالتو غنڊن معرفت حملي آور ٿي وڪيلن کي رتورت ڪري 27هين آئيني ترميم جو پهريون جلوو ڏيکاريو آهي گرفتار ٿيل غنڊن کي بنا ڪنهن قانوني پوئواري جي حڪومت جي پالتو غنڊن کي بري ڪري ڇڏيو عوامي جمهوري پارٽي سکر بار جي جنرل ڪائونسل تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي مطالبو ٿي ڪري ته حملي آورن تي ايف آئي آر ڪٽي وڃي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن کي رد ڪيو وڃي اجلاس ۾ خادم ٽالپر, شير چانڊيو, ڊاڪٽر سراج سيال, غلام قمبر حاجاڻو, آزاد جوڻيجو ۽ مڪيش ڪمار سميت ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.