وفاقي آئيني عدالت جي پهرين چيف جسٽس ۽ ٽن ججن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (بيورو) جسٽس امين الدين خان آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس جي حيثيت سان عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر آصف علي زرداري جسٽس امين الدين کان عهدي جو حلف ورتو. ايوان صدر ۾ تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ وفاقي وزير به شريڪ ٿيا. فيلڊ مارشل عاصم منير سميت پاڪ نيوي ۽ فضائيا جا سربراهه به تقريب ۾ شريڪ هئا. قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ به تقريب ۾ شريڪ ٿيا. تنهن کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيل تقريب ۾ پهرئين مرحلي ۾ وفاقي آئيني عدالت جي ٽن ججن حلف  کڻي ورتو، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس باقر نجفي ۽ جسٽس عامر فاروق عهدن جو حلف کنيو. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان تنهي ججن کان حلف ورتو. آئيني عدالت جي ججن جي حلف برداري واري تقريب ۾ اسلام آباد ڪورٽ جي پنج ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو ڪو به جج شريڪ نه ٿيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سرفراز ڊوگر به تقريب ۾ موجود هو. ان کان اڳ قانون واري وزارت وفاقي آئيني عدالت جي ججن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. حلف برداري تقريب ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر به اسٽيج تي موجود هو، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب طاهر، جسٽس خادم سومرو، جسٽس محمد اعظم خان، جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منهاس به وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي حلف برداري تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق ۽ جسٽس ثمن رفعت آئيني عدالت جي ججن جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي. ان کان اڳ قانون ۽ انصاف واري وزارت وفاقي آئيني عدالت ۾ 6 ججن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عامر فاروق، جسٽس ڪريم خان، جسٽس روزي خان، جسٽس علي باقر ۽ جسٽس ارشد حسين وفاقي آئيني عدالت جو حصو هوندا.

اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جون استعيفائون قبول  ڪري ورتيون. صدر جي سرڪاري ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ جي ججن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جون استعيفائون قبول ڪري ورتيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.