راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
راولپنڊي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو، دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي سريلنڪن ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ ابرار احمد 3-3 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ پاڪستان گهربل هدف 49هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
بابر اعظم 102 ۽ محمد رضوان 51 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا، فخر زمان 78 ۽ صائم ايوب 33 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
You might also like