سپريم ڪورٽ جي هڪ هٽي ختم ٿي وئي،سياسي ججن جي پڇ تي پير اچي ويو;خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته انهن ججن جو ضمير ڏهاڪن کان ننڊ پيل هو،اڄ جڏهن پڇ تي پير آيو ته اهي جج بيان ڏئي رهيا آهن،شاعري ڪري رهيا آهن،قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ان ڏينهن انهن جي غيرت ڪٿي هئي جڏهن هن اسيمبلي ۾ آڌي رات جو 52 بل پاس ڪيا ويا، ۽ اسيمبلي ٽوڙي وئي، اڄ اهي جمهوريت جا علمبردار بڻيل آهن، هن چيو ته پارليامينٽ پاران منظور ڪيل ترميم تي سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي غيرت جاڳي وئي،پر جڏهن اهي ڪينگرو ڪورٽون بڻائي ميان نوازشريف کي سياسي انتقام جو نشانو پئي ويو ان وقت ڪنهن جي غيرت نه جاڳي،هن چيو ته اهي جج ان وقت به سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ويٺل هئا،هاڻي اهي شاعري ڪري رهيا آهن،سياسي بيان به ڏئي رهيا آهن،عدليه جو ڪردار پاڪستان جي تاريخ ۾ هر موڙ تي ايترو ڀيانڪ ۽ ڪارو رهيو آهي ته شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ ائين هجي،هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کان  آئين جي سمورين معطلين تي مهر لڳائڻ ۽ پوءِ نوازشريف کي نااهل ڪرڻ،اهو سڀ انهي عدليه جو ڪيل آهي،هن چيو ته جسٽس اطهر من الله ته جنرل مشرف جي صوبائي ڪابينا ۾ شامل هو،پر اڄ هن جو ضمير ان ڪري جاڳيو آهي ته هن جي سپريم ڪورٽ جي هڪ هٽي تي قدغن لڳائي وئي آهي ۽ پارليامينٽ آئين  جي بالادستي ثابت ڪرن جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.