اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته ڪا به ميچ کٽڻ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ به تيار آهيان.
پهرين ون ڊي ۾ سريلنڪا کي سخت مقابلي کانپوءِ ۾ شڪست ڏيڻ بعد حارث رئوف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿڌ بالنگ ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.
حارث رئوف شوقينن کي ڏوراپو ڏيندي چيو ته ماڻهو 10 سٺن ميچن کي وساري هڪ خراب ميچ کي ياد رکندا آهن، ماڻهو چاهين ٿا ته رانديگر هر ميچ ۾ سٺو پرفارم ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي لڳي ٿو ته رانديگر روبوٽ آهن، اسان مشين نه آهيون، اسان کان به غلطيون ٿينديون آهن، پر پنهنجو پاڻ تي يقين رکندا آهيون.
You might also like