نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ عورت پنهنجي محبوب سان گڏجي مڙس کي قتل ڪيو ۽ لاش گهر جي باورچي خاني ۾ ئي دفنائي ڇڏيو.
گجرات جي شهر احمدآباد ۾ 2015 ۾ محمد اسرائيل اڪبر علي انصاري نالي شخص روبي نالي عورت سان پسند پرڻو ڪيو هو، اسرائيل اڪبر مستري هو ۽ پنهنجي گهرواري ۽ ٻن ٻارن سان گڏ سرکيج جي علائقي ۾ رهندو هو.
ڪجهه سال اڳ روبي جا عمران واگهيلا نالي شخص سان لاڳاپا قائم ٿي ويا، مڙس کي جڏهن خبر پئي ته هن جا زال سان جهيڙا ٿيڻ لڳا، پوءِ روبي پنهنجي عاشق عمران سان گڏجي مڙس کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.
پوليس موجب هڪ رات روبي، عمران ۽ ان جي ساٿين سان گڏجي ننڊ ستل مڙس تي چاقو سان حملو ڪيو، نتيجي ۾ هو ٿڏي تي مارجي ويو، پوءِ اسرائيل اڪبر جو لاش کڏ کوٽي گهر جي باورچي خاني ۾ ئي دفنايو ويو، سيمينٽ ۽ ٽائل لڳائي ڪچن تي اڳ جهڙو ڪيو ويو.
ان ڇرڪائيندڙ واقعي جي تقريبن هڪ سال تائين ڪنهن کي خبر نه پئي پر پوءِ اطلاع ملڻ تي پوليس عمران ۽ روبي کي گرفتار ڪيو، جن جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو.
پوليس موجب روبي جاچ دوران ٻڌايو ته قتل ڪرڻ کانپوءِ مان سڀني کي ٻڌائيندي رهيس ته مڙس دبئي هليو ويو آهي، مان ٻن مهينن تائين ان ئي ڪچن ۾ کاڌو پچايو، جتي مڙس جو لاش دفنايو هو، پوءِ عمران ڏانهن هلي ويس.
You might also like