روسي جوڙي جو دبئي ۾ بي رحماڻو قتل، لاشن جا ٽڪرا ڪري ريگستان ۾ اڇلايا ويا

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ روسي ڪرپٽو جوڙي کي قتل ڪري لاشن جا ٽڪرا ريگستان ۽ ڪچري جي دٻي ۾ اڇلايا ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب دبئي جي جابلو علائقي حته ۾ روسي جوڙي جو بي رحماڻو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ٻنهي جي لاشن جا ٽڪرا ڪري اهي ريگستان ۽ ڪچري جي دٻي ۾ اڇلايا ويا.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قتل ڪيل رومان نوواڪ ۽ سندس گهرواري اينا جعلي سيڙپڪارن جي ڄار ۾ ڦاٿا، کين حته ڀرسان ملاقات لاءِ گهرايو ويو هو پر واپس نه موٽيا، جوابدارن ڪرپٽو والٽ تائين پهچ نه ملڻ تي جوڙي کي قتل ڪيو.
رپورٽن موجب مقتول رومان نوواڪ ماضي ۾ 500 ملين ڊالر جي ڪرپٽو فراڊ ۾ ملوث هو.
روس جي سهڪار سان گڏيل عرب امارتن ۾ اغوا ۽ قتل جي ڌار ڌار جاچ جاري آهي، قتل ڪيس جي سلسلي ۾ 7 جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه گرفتار ۽ ڪجهه مفرور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.