افغان طالبان حڪومت جو ڪاروباري ڌرين کي پاڪستان سان واپار ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي نائب وزيراعظم مولوي عبدالغني برادر افغان صنعتڪارن ۽ وپارين کي چيو آهي ته هو پاڪستان بدران ٻين ملڪن سان تجارت جا رستا ڳولين ۽ جيڪڏهن ڪو واپاري ان هدايت تي عمل نه ڪري ته افغان حڪومت کيس ڪنهن به قسم جي مدد فراهم نه ڪندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۾ هڪ ڪانفرنس دوران ڪيو ۽ اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حالتون انتهائي ڇڪتاڻ واريون آهن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ترڪيه ۽ قطر جهڙا ٻيا ملڪ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحد هر قسم جي واپار لاءِ 32 ڏينهن کان بند آهي ۽ هن وقت سرحد تي وڏي انگ ۾ تجارتي سامان سان ڀريل گاڏيون بيٺيون آهن.
پريس ڪانفرنس دوران مولوي برادر چيو ته هاڻي افغانستان، پاڪستان سان واپاري لاڳاپا بند ڪندو ۽ واپاري برادري کي هدايت ڪجي ٿي ته هو متبادل رستا ڳولين.
هن چيو ته هن وقت پاڪستان سان واپار جو وڏو حصو دوائن جي درآمد تي ٻڌل آهي ۽ پاڪستان کان دوائون درآمد ڪندڙ واپارين کي ٽن مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجا مالي معاملا مڪمل ڪري وٺن، ٽن مهيني کانپوءِ ناڻي واري وزارت پاڪستان کان دوائون درآمد ڪرڻ تي نه ٽيڪس وٺندي ۽ نه ئي اجازت ڏيندي.
سندس چوڻ هو ته اطلاع آهن ته پاڪستان کان درآمد ڪيل دوائون غير اثرائتيون رهيون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڪو به ملڪ اڪيلو پنهنجون سموريون گهرجون پوريون نه ٿو ڪري سگهي، تنهنڪري هڪٻئي تي ڀاڙڻ ضروري آهي، پر بدقسمتي سان ڪجهه ملڪن سان واپاري رنڊڪ، اقتصادي بندشون ۽ سياسي دٻاءُ سبب مسئلا وڌي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.