ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي عبوري طالبان حڪومت اسلام آباد عدالت ٻاهران ٿيل آپگهاتي حملي ۽ وانا ۾ ڪيڊٽ ڪاليج تي حملن جي مذمت ڪئي آهي.
افغان پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ ڌماڪو ۽ وانا ۾ تعليمي مرڪز تي حملو افسوسناڪ آهي، افغانستان دهشتگرد حملن جي مذمت ڪيون ٿا.
بيان ۾ ڌماڪن ۽ حملن ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد جي اليون عدالت جي ٻاهر ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 30 زخمي ٿيا، جڏهن ته وانا ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڪڊٽ ڪاليج تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻايو ۽ سمورن خارجين کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو.
You might also like