اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن جو پيءُ به 18هين ترميم ختم نٿو ڪري سگهي، آئيني ترميم جي منظوري اڪثريت راءِ سان نه پر اتفاق راءِ سان ٿيندي آهي، ۽ فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ ڏنو پيو وڃي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ اسان جيڪا آئيني ترميم آڻي رهيا آهيون، اسان وٽ اڪثريت آهي، ڪنهن جو پيءُ به 18هين ترميم کي ختم نه ٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته آئيني ترميم جي منظوري اڪثريت راءِ سان نه پر اتفاق راءِ سان ٿيندي آهي، 26هين آئيني ترميم به اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي هئي ۽ 18هين ترميم به سڀني جماعتن جي اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي، جنهن ذريعي صوبن پنهنجا حق حاصل ڪيا.
بلاول ڀٽو چيو ته ميثاقِ جمهوريت ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪري رهيا آهيون ۽ ميثاقِ جمهوريت جي اڻپورن واعدن جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهيا آهيون.
هن چيو ته اسان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، فيلڊ مارشل جي ڪارڪردگي جي سڄي دنيا ۾ واکاڻ ٿي رهي آهي، ۽ فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ ڏئي رهيا آهيون.
پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، دهشتگردي ۽ ملڪ دشمنن خلاف سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو ، قوم فتنه الخوارج جي خلاف متحد آهي.
هن چيو ته دهشتگردي وارن واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، اسان اڳ ۾ به دهشتگردن جو گڏجي ڀرپور مقابلو ڪيو، قربانيون ڏئي دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڳتي به ڏينداسين.
بلاول ڀٽو چيو ته مخالف ڌر جو ڪم رڳو پنهنجي ليڊر لاءِ روئڻ پٽڻ ناهي هوندو، اپوزيشن جو ڪم آهي ته حڪومت تي نظر رکي، ۽ قانون سازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ افتخار چوڌري جا سوموٽوز کي ڀوڳيا، اڄ اسان ماضيءَ جي غلطي درست ڪرڻ وارا آهيون، 27هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي ڪو به پاڻمرادو نوٽيس نه ٿيندو.
بلاول ڀٽو چيو ته اسان جي تجويز مڃڻ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، 27هين آئيني ترميم جي مخالفت ڪندڙ به مڃيندا ته اها وڏي سوڀ آهي.
هن چيو ته آئيني عدالت ۾ هڙني صوبن جي برابري جي بنياد تي نمائندگي هوندي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي تقرير دوران مخالف ڌرطرفان سخت نعريبازي ۽ ’چور آيو چور آيو‘ جا نعرا هنيا ويا.
You might also like