لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي) بنگلاديش جي ڊسمبر ۾ ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آڇ رد ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پي سي بي کي ڊسمبر ۾ ٽرائي سيريز جي آڇ ڪئي وئي، پر ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن جي ورڪ لوڊ کي نظر ۾ رکندي درخواست قبول نه ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهين آفريدي، بابراعظم ۽ ڪجهه ٻيا رانديگر اڳواٽئي ڊسمبر ۾ بگ بيش ليگ کيڏڻ لاءِ ڪميٽمينٽ ڪري چڪا آهن.
ذريعن موجب، ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پلان ۾ سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم کي به شامل ڪيو ويو هو.
You might also like