اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) ۾ 80 سينئر آفيسرن جي هڪ ئي وقت ملڪ گير مقررين ۽ بدلين سان ٿرٿلو مچي ويو.
ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي ۽ پشاور سميت وڏن ٽيڪس سينٽرز، ڪسٽم فارميشنز جا ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڪليڪٽر ڪميشنرز ميمبر تبديل ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن تحت بي ايس 19، 20 ۽ 21 جي سينئر آفيسرن کي حڪمن تي ترت عملدرآمد جو حڪم ڏنو ويو آهي.
پڌرائي موجب، سمورن آفيسرن کي چيو ويو آهي ته هو چارج سنڀالڻ جي رپورٽ فوري طور ايف بي آر هيڊڪوارٽر ڏانهن موڪلين.
You might also like